رانديون

ڪراچي ڪنگز جو سفر ختم، پشاور زلمي 55 رنسن تان ميچ کٽي ورتي

پاڪستان سپر ليگ سيزن 7 جي جاري مقابلن ۾ ڪراچي ڪنگز جو سفر پڄاڻي تي پهچي ويو آهي ۽ اها پشاور زلمي هٿان اهم ميچ ۾ 55 رنسن تان شڪست کائي ايونٽ مان نڪري وئي آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل 7 جي سفر ۾ ڪراچي ڪنگز پشاور زلمي جو 194 رنسن جي هدف ماڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ان کان اڳ پشاور زلمي پهرين بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن تي 193 رنسون ٺاهيون، زازئي 52 ۽ محمد حارث ۽ شعيب ملڪ 31، بين ڪٽنگ 26 رنسون ٺاهيون نمايان رهيا، موٽ ۾ ڪراچي ڪنگز 6 وڪيٽون وڃائي 138 رنسون ٺاهي سگهي، ٽيم کي ڪپتان بابراعظم جون 59 رنسون ڪم نھ آيون. جڏهن تھ جوئي ڪلارڪ 26، شرجيل خان 14، محمد نبي 15 رنسون ٺاهي سگهيا آهن. پشاور زلمي جي وهاب رياض رياض ۽ سلمان ارشاد 2،2 وڪيٽون ورتيون، ڪراچي ڪنگز جي ڪرس جارڊن 3 شڪار ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button