رانديون

ڀارت 6 وڪيٽن تان ويسٽ انڊيز کي هارائي ڇڏيو

ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي 20 ميچ ۾ مهمان ويسٽ انڊيز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڀارت جي دوري تي پهتل ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهرين ٽي 20 ميچ ۾ پهرين کيڏندي ويسٽ انڊيز 7 وڪيٽون وڃائي 157 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ نڪولس پوران 61 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، ڪائلي مائيرس 31 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ڀارتي ٽيم 158 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 19 اوورن ۾ هدف پورو ڪيو. ڪپتان روهت شرما 40، ايشان ڪشن 35 ۽ سوريا ڪامر يادو 34 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ بالرن ۾ روي بشنوئي ۽ هرشل لٽيل 2،2 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button