رانديون

ميٽ هينري 7وڪيٽون وٺي ڏکڻ آفريقا کي 95 رنسن تي محدود ڪري ڇڏيو

ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ٽيسٽ ميچ ۾ 90 سالن بعد ٽيسٽ ميچ ۾ 100 کان گهٽ رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق  نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ ڏکڻ آفريقا جي سڄي ٽيم رڳو 95 رنسون ٺاهي سگهي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ 1932ع بعد ڏکڻ آفريقا کي نيوزيلينڊ جي بالرن پڪڙ ۾ آڻي بيوس بڻايو 100 رنسون بھ ڪرڻ نھ ڏنيون آهن، ٽيم جا 5 بيٽر تھ ڊبل فگر ۾ بھ نھ آيا، اهڙي ريت ڪگيسو رباڊا ۽ گلينٽن اسٽورمان ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا. ڪپتان ڊين ايلگر هڪ رنسن ٺاهي. جڏهن تھ زبير حمزا 25، ڪيلي ويريني 18، ايڊن مارڪرم 15، ساري ايروي 10 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ نيوزيلينڊ جي بيٽرن موٽ ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 116 رنسون ٺاهي 21 رنسن جي برتري ماڻي ورتي آهي. نيوزيلينڊ جي بيٽرن مان ڪپتان ٽام ليٿام 15 ۽ ول ينگ 8 ۽ ڊيون ڪونوي 36 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. اهڙي ريت راند ختم ٿيڻ تائين هينري نڪولس 37 ۽ نيل واگنر 2 رنسن تي موجود هئا. بالرن مان نيوزيلينڊ جي ميٽ هينري جارحاڻي بالنگ ڪرائي 7 وڪيٽون وٺي ڏکڻ آفريقا جي بيٽنگ لائن تباهه ڪري ڇڏي. جڏهن تھ هو اننگ ۾ اعجاز پٽيل جي 10 ۽ رچرڊ هيڊلي جي 9 وڪيٽن بعد وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ ٽيون بالر بڻجي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button