رانديون

ملتان سلطانز رنسن جو جبل ٺاهي ڇڏيو، ڪوئٽا کي 117 رنسن تان شڪست

ملتان سلطانز پي ايس ايل 7 جي جاري ايونٽ ۾ رنسن جو جبل ٺاهي ڪوئٽا گليڊيئٽرز کي آساني سان 117 رنسن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ اٺين ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل 7 ۾ 245 رنسن جي وڏي اننگ ملتان سلطانز ٺاهي سڀني کان وڏي اسڪور وارو اهم رڪارڊ بھ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ملتان سلطانز پهرين کيڏندي 3 وڪيٽن تي 245 رنسون ٺاهيون، جنهن هدف پويان کيڏندي ڪوئٽا گليڊيئٽرز 128 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ملتان سلطانز جي بيٽرن مان رضوان 83، رلي روسو 71 ۽ شان مسعود 57 رنسن جي اننگ کيڏي، خوشدل شاهه 10 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ ڪوئٽا گليڊيئٽرز جي ڪامران اڪمل 50، جيسن روئي 38 ٺاهي نمايان رهيا. ملتان سلطانز جي بالر شاهنواز ڏاهاڻي، ڊيوڊ ولي ۽ آصف آفريدي ۽ خوشدل شاهه 2،2 بيٽر آئوٽ ڪيا آهن. ڪوئٽا گليڊيئٽرز جي بالرن محمد عرفان، نسيم شاهه ۽ غلام مدثر هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button