ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تبديليءَ جي تيلي ڪڏهن ٻرندي؟

Editorial-Article-Aijaz Mangi

“هڪ ڌڪ سان پئٽرول جي قيمت ۾ 12 روپين جو اضافو ڪري، حڪومت مخالف ڌر کي اهڙو بال اڇلائي ڏنو آهي، جنهن تي هوءَ ڀرپور ڇڪو هڻي سگهي ٿي” پر موجوده صورتحال تي اهو تبصرو درست نه ٿيندو. ڇو ته جيتري عذاب مان عوام گذري رهيو آهي، ان تي ان طرح جي ڪامينٽري ڪرڻ مناسب ناهي. ڇو ته هيءَ زندگي آهي. هيءَ راند ناهي. هيءَ ڪا ڪرڪيٽ ڪونهي. جنهن ۾ ڇڪن ۽ چوڪن جو ذڪر ڪجي. جنهن ۾ اهو حساب ڪجي ته ڪنهن جي بالنگ ڪيئن آهي؟ ڪنهن جي فيلڊنگ ڪيئن آهي؟ پچ جي ساخت ڪهڙي آهي؟ امپائر ڪيترو آزاد آهي؟ تماشائين جو موڊ ڇاهي؟ نه هيءَ ڪرڪيٽ راند ناهي. هيءَ زندگي آهي. جنهن ۾ ارمان آهن. جنهن ۾ امڪان آهي. جنهن ۾ دک ته آهن. پر جنهن ۾ درمان ناهن.

پئٽرول جي قيمتن ۾ واڌارو ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي ماحول کي ايترو ته شديد ڪري ويو آهي جو ان تي هاڻي مخالف ڌر تحرڪ ۾ نه آئي ته ڪنهن به وقت عوام احتجاج ڪرڻ لاءِ روڊن ۽ رستن تي نڪري ايندو. هڪ ته حڪومت بنا ڪنهن احساس جي مهانگائيءَ ۾ تمام گهڻو اضافو ڪري رهي آهي ۽ ان تي جيڪو حڪمران ڌر جي وزيرن جو ردعمل آهي، اهو بلڪل ائين آهي، جيئن هڪ چيري ۽ ٻيو وري لوڻ ٻرڪي! لطيف چيو آ:

“سور م ڏئي ڌوڻ، آئون اڳ ڏکوئي آهيان
جا پر پاڻيءَ لوڻ، سا پر منهنجو جندڙو!”

ڇا وفاقي وزير شبلي فراز کي اهڙو تبصرو ڪرڻ کپندو هو؟ جيڪڏهن اڄ هن جو والد ۽ عوام دوست شاعر احمد فراز زنده هجي ها ته هو پنهنجي پٽ جي اهڙي بيان تي پنهنجي شاعرانا زندگيءَ جو تلخ ترين شعر لکي ها. شبلي فراز کي هڪ ترقي پسند شاعر جي فرزند جي حوالي سان نه به سهي ته به گهٽ ۾ گهٽ هڪ ذميوار وزير جي حوالي سان اهڙو بيان نه ڏيڻ کپندو هو ته “جيڪڏهن پئٽرول مهانگو آهي ته عوام گهٽ سفر ڪري” غريب عوام مزي لاءِ مسافري نه ڪندو آهي. غريب عوام مجبوريءَ لاءِ مسافري ڪندو آهي ۽ ان مسافريءَ جي هن کي هيءَ حڪومت ڪيتري سزا ڏيندي رهي آهي؟ عوام وٽ هڪ هڪ سور جو پورو پورو حساب موجود آهي. شبلي فراز جو اهو بيان بلڪل ائين آهي، جيئن انقلاب فرانس کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ جڏهن فرينچ راڻي ميري اينتونيءَ کي ٻڌايو ويو هو ته “ماڻهو بک ٿا مرن. ماڻهن وٽ پيٽ ڀرڻ جي لاءِ ڊٻل روٽي ڪونهي” تڏهن هن وڏي لاڏ سان چيو هو ته “ماڻهو ته اياڻا آهن. جيڪڏهن انهن وٽ ڊٻل روٽي ڪونهي ته ڪيڪ کائن” جڏهن عوام تائين حڪمرانن جا اهڙا تلخ تبصرا پهتا ته پوءِ پئرس ۾ فوج به انقلاب کي نه روڪي سگهي.

پاڪستان ۾ ڪافي وقت کان وٺي غربت انقلاب جي لاءِ مناسب ماحول تيار ڪري رکيو آهي پر سياسي ميدان ۾ ڪا اهڙي قوت ڪونهي، جيڪا اڳتي وڌي ۽ ملڪ جي ميري سياسي تاريخ ۾ اجري انقلاب جي باب جو اضافو ڪري. هن وقت ته ملڪ ۾ عوامي صبر جو پئمانو ڇلڪي رهيو آهي پر عوام جي مٿان پوندڙ بار گهٽائڻ جي لاءِ حڪومت ته حڪومت پر مخالف ڌر ۾ به ڪو احساس ڪونهي. ان جو سبب اهو آهي ته مخالف ڌر پاڻ طبقاتي طور تي ان اشرافيا جو حصو آهي، جنهن جي لاءِ ملڪ جي مهانگائي ڪا معنيٰ نه ٿي رکي. جڏهن به مهانگائي ذاتي طور تي متاثر ڪندي آهي، تڏهن ان جا سياسي اثر پوندا آهن. هن وقت ته ڪنهن کي ڪا پرواهه ناهي. ڇو ته مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ اڳواڻن وٽ ايتري دولت آهي ۽ انهن جي ڪمائيءَ جا ذريعا ڪجهه اهڙا آهن جو ڪورونا به انهن جي لاءِ فائدي جو سبب بڻجي وئي. انهن ڪرونا مان به ڪمايو. جڏهن صورتحال اهڙي هجي ته پوءِ ڪنهن کي پرواهه ته ملڪ جو عوام ڪهڙي ۽ ڪيتري اذيت جو شڪار آهي؟

حڪومت کي جڏهن به پئٽرول مهانگو ڪرڻو هوندو آهي تڏهن هوءَ عالمي مارڪيٽ جو حوالو ڏيندي آهي پر اهو معاملو ايترو سادو ۽ آسان ناهي. ڇو ته پاڪستان دنيا جو اهو اڪيلو ملڪ ناهي، جنهن ۾ پيٽرول جا کوهه ناهن. دنيا ۾ تمام گهڻا ملڪ اهڙا آهن، جن وٽ قدرتي ٻارڻ ڪونهي پر هو ٻين شعبن ۾ ترقي ڪري ايترو ڪمائن ٿا ۽ پنهنجي معيشت کي ايترو وڌائن ٿا جو انهن لاءِ عالمي منڊيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ پنهنجي معيشت کي متوازن ڪرڻ جي سگهه هجي ٿي. هتي ته هر صدمو عوام جي مقدر ۾ آهي. عوام وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟

اها تمام وڏي ناانصافي آهي ته اڳوڻن توڙي هاڻوڪن حڪمرانن جيڪا ڪرپشن ڪئي آهي، ان سبب ملڪ جهڙي طرح مقروض بڻيو آهي، ان جو قرض ادا ڪرڻ جي لاءِ سمورو بار عوام جي مٿان پيل آهي. عوام جي مٿان مهينن ۾ نه پر ڏينهن ۾ ان بار ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. هر شيءَ کي جهڙي طرح باهه لڳل آهي، ان ماڻهن کي بک تي گذارڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ۾ به هن ملڪ جي عوام جي مٿان مشڪل مرحلا ايندا رهيا آهن پر اهڙي صورتحال اڳ ڪڏهن به نه هئي، جهڙي هاڻي آهي. هن ڀيري ته عوام کي واقعي گراهه گراهه جو حساب ڪرڻو ٿو پوي ۽ عوام لاءِ ٻيو ڪو چاڙهو ناهي، سواءِ ان جي ته هو پنهنجي پيٽ کي گهٽ مانيءَ جو عادي بڻائي. ڇا ان کي بک مارڻ نه چئبو آهي؟

ملڪ جو مارڪيٽ مهانگائي سبب موت جو مارڪيٽ بڻجي ويو آهي. جڏهن بنيادي ضرورت جون شيون ٻيڻ کان اڳتي وڌي ٽيڻ ۽ چئوڻ واري قيمت تي پهچي وڃن ۽ ماڻهن جي قوت خريد پهريان به هيٺ ڪرندڙ هجي ته پوءِ ڪوئي ڇا ڪري؟ ڇا ان صورتحال ۾ ماڻهن وٽ بک تي گذارڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو آهي؟ جڏهن حڪمران عوام کي بک مارڻ لڳن، تڏهن ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا آهن؟ دنيا جي سياسي تاريخ انهن مثالن سان ڀري پئي آهي، جن مثالن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ماڻهن جي لاءِ بک بغاوت جا رستا کوليندي آهي ۽ ان سبب ملڪ کي به تمام گهڻو نقصان پوندو آهي. انقلاب کي غلط ڪير ٿو چئي سگهي پر مصيبت اها آهي ته ڪمزور ملڪ انهن جهونن ٻيڙن جهڙا هوندا آهن، جن جي لاءِ چيو ويندو آهي ته “جهونا ٿيا جهاز، سٽ جهلن سڙهه جي” ان ڪري دنيا جا معاشي ۽ سياسي ماهر ڪمزور ملڪ جي لاءِ انقلاب ته چاهين ٿا پر انهن جي خواهش هوندي آهي ته اهو انقلاب ڪو خوني يا شديد زلزلي جهڙو انقلاب نه هجي. اهو هڪ پرامن ۽ ارتقائي انقلاب هجي، جنهن ۾ تبديلي به اچي ۽ ماڻهن کي تڪليف به نه پهچي پر اهڙو انقلاب آڻڻ جي لاءِ جهڙي قسم جون سياسي پارٽيون گهربل هونديون آهن، اسان کي پنهنجي ملڪ جي سياسي ميدان تي اهڙي ڪا اميد ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. اها تمام گهڻي تڪليف واري صورتحال آهي. پر ان جو ڪوئي به نعم البدل ڪونهي. هن وقت پارلياماني سياست ڪندڙ پارٽين جي ايجنڊا تي پرامن عوامي انقلاب پري پري تائين به ناهي. انهن سڀني کي اقتدار گهرجي. انهن کي اقتدار گهرجي ته جيئن انهن کي پروٽوڪول حاصل ٿي سگهن. انهن کي مفت جا مال ملن. انهن کي اقتدار گهرجي ته اڄ جيڪو انياءُ تحريڪ انصاف ڪري رهي آهي، اهو انياءُ هو ڪن ۽ پوءِ هو اهي ئي دليل ڏين ته اڳوڻي حڪومت ملڪي معيشت تباهه ڪئي آهي ۽ اسان کي خزانو خالي مليو آهي. اسان جي اپوزيشن وٽ دعوائون ته آهن پر اهي دعوائون اهڙيون ئي آهن، جهڙيون اڳ ۾ عمران خان ڪندو هو. اها تمام تلخ حقيقت آهي ته جڏهن سياسي پارٽيون مخالف ڌر ۾ هونديون آهن، تڏهن انهن ۾ بغاوت جي باهه جا شعلا ٻرندا نظر ايندا آهن پر جڏهن اهي ئي پارٽيون اقتدار ۾ اچي وينديون آهن ته انهن جي لفظن ۽ لهجن ۾ برفباريءَ جهڙو منظر پيدا ٿي پوندو آهي.

ڇا هن وقت ملڪ تي تحريڪ انصاف جي حڪمراني آهي؟ نالي ۾ ته اقتداري ڌر تحريڪ انصاف آهي پر اصل ۾ اقتدار جي مٿان ملڪي تاريخ جي انصاف مخالف ڌر موجود آهي. ملڪ تي هڪ اهڙي ڌر اقتدار جي مالڪ بڻجي ويٺي آهي، جنهن ڌر ماڻهن سان دوکو ۽ فراڊ ڪيو. جنهن عوام کي سياسي طور تي سبز باغ ڏيکاريا. جنهن ملڪ کي مغربي ملڪن جهڙو امير ۽ خوشحال بڻائڻ جا اعلان ڪيا ۽ موٽ ۾ انهن کي پهريان کان به سخت معاشي مار ڏني. عمران خان ماضيءَ ۾ هر ڏينهن اهي اعلان ڪندو هو ته ملڪ کي فلاحي رياست ۾ تبديل ڪيو ويندو. هو اهو به چوندو ته جڏهن هن جي پارٽي اقتدار ۾ آئي ته ماڻهن کي بنا ٻڌائڻ جي پتو پئجي ويندو ته تبديلي اچي وئي آهي. ڇا ملڪ ۾ تبديلي اچي وئي آهي؟ هڪ حساب سان ته تبديلي اچي وئي به آهي. ڇو ته اڳ ۾ ايتري مهانگائي ڪڏهن به ڪا نه ڏٺي ۽ ٻڌي وئي، جيتري هاڻ آهي. اڳ ۾ زندگي ايتري سورن ۾ ڪڏهن به ڪانه هئي، جيتري هن وقت آهي. ان حوالي سان ته تبديلي آيل چئي سگهجي ٿي. جڏهن ته پنهنجي اقتداري ڪلچر ۾ هيءَ حڪومت به اڳوڻين حڪومتن جو تسلسل آهي. هن حڪومت مان ڪا ٻي مهڪ نه ٿي اچي. ان قسم جي تبديليءَ کي ڪنهن دور ۾ “چهرن جي تبديلي” چيو ويندو هو پر اسان ته اهو به چئي نه ٿا سگهون. ڇو ته عمران خان ۽ هن جي هڪ اڌ وزير کي ڇڏي هن جي ڪابينا ۾ اڪثر چهرا به ساڳيا آهن، جيڪي اڳوڻين حڪومتن ۾ موجود هئا ۽ هو هن ڀيري صرف نئون نالو ڌاري وزارتن جي مٿان ويٺا آهن. انهن جا ساڳيا ئي انداز ۽ انهن جا ساڳيا ئي مزاج آهن. هو اقتدار ۾ اچي مڪمل طور تي ڀرپور طرح جا پروٽوڪول ماڻي رهيا آهن. انهن کي اهو ياد به ڪونهي ته انهن جو ڪپتان چوندو هو ته هو سادگيءَ واري سرڪار جوڙيندو ۽ هو هڪ اهڙي حڪومت قائم ڪندو، جنهن ۾ “وي آءِ پي” ڪلچر جي ڪا جهلڪ نه هوندي. جنهن ۾ عوام ڪنهن به طرح سان پاڻ کي بيوس محسوس نه ڪندو. ڇا هيءَ حڪومت پنهنجين دعوائن تي ديد وجهي سگهي ٿي؟ پئٽرول جي قيمت ۾ واڌ مهانگائيءَ جو هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي، جنهن لاءِ تبديليءَ جي تيلي ڪافي آهي!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button