الهه بخش راٺوڙ
سوشل سائنس ۾ آپگهات جي شايد ان کان وڌيڪ ڪهڙي وصف ٿي سگهي ٿي ته جنهن ويل انسان زيرو ليول تائين پهچندو آهي، ان کان اڳتي ڪنهن به دنيا جو خواب يا سپنو نه هوندو آهي، جنهن کي سامهون رکندي وڌيڪ حياتي جو وهنوار هلائي سگهجي، ساڳي انداز سان سياست ۾ ٿيندو آهي، جيڪڏهن توهان خوني سرحدون کڙيون ڪري ڇڏيو ته سمورا رستا بند ٿي ويندا. اهڙي صورتحال ۾ سياسي طور تي survive ڪرڻ جو ڪوبه گس نه هوندو آهي. ڪجهه ڏينهن کان هڪ نه پر ڪيترن ئي معاملن ۾ حڪومت سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، هي ڪلائيمڪس آهي. ان کان اڳتي حڪمرانن لاءِ ڪو به گس نٿو بچي. اي وي ايم مشين کان ٿيندو، اليڪشن ڪميشن جي ڪمن ۾ مداخلت کان هاڻ نيب جي چيئرمين جي مقرري تائين معاملو پهچي ويو آهي ۽ ان حوالي سان 8 آڪٽوبر ڊيڊ لائين آهي. نيب جي موجوده چيئرمين کي به مايوسي ٿي آهي، هن کي ٽشو پيپر جيان استعمال ڪري اڇلايو ويو آهي، هن کي يقين ئي نٿو اچي ته سندس مخالف ڌر خلاف ڪيل “محنت” جو صلو کيس اهڙو ملي سگهي ٿو. هي ڳالهه بي وقتي نه ٿيندي ته جنهن به حڪمران جي سازشن جي مينوئل “دي پرنس” پڙهيو هوندو، اهي سمجهي سگهن ٿا ته حڪمران ڪيترا سفاڪ ٿي سگهن ٿا، بقول هڪ دانشور جي ته ڪڏهن ڪڏهن ٻيڙي ٻڏڻ واري هوندي آهي ته پنهنجي خون جي رشتي يعني ڀاءُ کي سمنڊ ۾ اڇلائڻو پوندو آهي، اهڙو ورتاءَ نيب جي موجوده چيئرمين سان ڪيو ويو آهي. هي به تاثر آهي ته نيب جو موجوده چيئرمين خوش قسمت آهي ته هن ملڪ جي تاريخ ۾ جيڪي به تڪراري معاملا رهيا آهن، انهن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جو استعمال انتهائي مناسب رهيو آهي، ان حوالي سان ڀلي انهن سمورين ڪميشنين جا حوالا ڏنا وڃن، جن جو هو سربراهه رهيو يا هينئر به آهي. پر هي اهڙو ڌڪ آهي، جيڪو نيب جو چيئرمين پچائي نٿو سگهي، هن کي خبر هجي ها ته حڪومتي ڌر جي ڪيترن ئي اڳواڻن، جيڪي پڻ ڪرپشن جي سونامي جا مهندار آهن يا انهن تي اهڙي نوعيت جا الزام آهن، انهن جا ڪيس پينڊنگ ۾ رکي ڇڏي ها يا پروسيڊ ڪري ها! هن کي اهڙي ڪنهن به عمل کان روڪڻ يا نظر ۾ رکڻ لاءِ هڪ اهڙي عملدار کي نيب ۾ داخل ڪري اهم عهدي تي نمبر ٽو طور ويهاريو ويو، جيڪو هينئر نيب جي ايندڙ چيئرمين جي اميدوارن جي لسٽ ۾ شامل آهي!
جسٽس رٽائرڊ مشير عالم، جيڪو سترهن هزار ملازمن جي پيٽ کي لت هڻڻ واري ڪم ۾ شامل رهيو آهي، ان کي ڇڏي ڪري باقي جيترا به نالا نئين چيئرمين لاءِ ورتا ويا، انهن مان شايد ڪنهن به نالي تي اتفاق ٿيڻ وارو ناهي. ان جو به ڪو امڪان ناهي ته مشير عالم سان جيڪو واعدو ڪيو ويو هو، اهو وفا ٿئي، ڇاڪاڻ ته اهي واعدا جنهن ماحول ۾ ڪيا ويا، اها صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي. جنهن ڪم لاءِ هن جو استعمال ڪرڻو هو ٿي ويو، هاڻ حڪمران چريا ته ناهن جو ماضي کي لومڙي جيان، ان جي مئل ٻار کي رڳو انڪري کڻي گهمن ته کين يقين نه ايندو آهي ته ان جو ٻار واقعي مري ويو آهي! انڪري مشير عالم ايئن ئي بيروزگار ٿي ويو آهي، جيئن هنن 17 هزار ملازمن جو معاشي قتل عام ڪيو. جنهن سامري جادوگر کيس نيب جي نئين چيئرمين لاءِ ڏٽو ڏنو هو، ممڪن آهي ته مستقبل قريب ۾ ان جي موڪل ٿي وڃي ۽ هو لنڊن ۾ ويٺل ” نيلسن منڊيلا” جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ڪُوچ ڪري وڃي!
عمران خان جي ڀلي هي خواهش هجي ۽ سندس آئيني ۽ قانوني ماهر هن کي Misguide ڪندا هجن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مشوري کانسواءِ نئون چيئرمين مقرر ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن صلاح مشورو ٿئي يا ان حوالي سان ڪا بامعنيٰ يا بي معنيٰ مشاورت به ٿئي ته نئين چيئرمين تي ڪنهن به اتفاق ٿيڻ جو امڪان ناهي. جيڪڏهن وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ ڪنهن به مقرري تي اتفاق ڪري نٿا سگهن يا اهو ممڪن ناهي ته پوءِ باقي جيڪي فورم بچندا، ان آئيني عمل کي اهي ئي اڳتي وڌائيندا. ڀلي عمران خان پنهنجي سموري ٽيم کي آزمائي ڏسي، هي عام شهري به سمجهي سگهي ٿو ته اهڙيون سموريون مقرريون جيڪي وزير اعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي بامعنيٰ مشاورت سان ئي ٿي سگهن ٿيون، انهن ۾ حڪومت کي ڪنهن به قسم جي فوقيت مليل ناهي، نه ئي وري ان کي واڪ اوور جو موقعو ملندو.
نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ Due Process شروع نه ٿيو آهي، ان حوالي سان صرف چار نالا ضرور سامهون آيا آهن، پر اهي به حڪومتي ڌر جا آهن، ان عهدي لاءِ مخالف ڌر جي ٻين پارٽين ۾ به صلاح مشورو نه ٿيو آهي، نڪي وري حڪومتي ڌر جا نالا فائنل آهن. حڪومت رڳو ٽرپ جو پتو اڇلايو آهي، جنهن تي ردعمل معلوم ڪيو پيو وڃي، جنهن قسم جون سرگرميون ٿي رهيون آهن، انهن مان نٿو لڳي ته کنيل نالن مان ڪو چيئرمين ٿيندو. جسٽس رٽائرڊ عظمت شيخ ته ماضي ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت ۾ اهڙا ڪم ڪري چڪو آهي، جو هن کي نيب چيئرمين جهڙي عهدي تي ڪو ڏسي نٿو سگهي. جيڪڏهن حڪومت ڏاڍ مڙسي ڪري جسٽس عظمت کي به ان عهدي تي مقرر ڪري ته اعليٰ عدليا لاءِ هڪ طرف اهڙو شخص جيڪو ماضي جو حصو آهي، اهو هوندو ۽ ٻئي پاسي ملڪ جو آئين ۽ قانون هوندو. ساڳي انداز سان هينئر ملڪ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته ڪنهن به رٽائرڊ جنرل تي به اعتماد ڪري نٿو سگهجي. ان لاءِ جيترا به تجربا ڪيا ويا يا Precedent موجود آهن، اهي ناڪام آهن. اهي شريف ماڻهو جيڪي انهن اهم عهدن تي رهيا آهن، جن ۾ جج يا رٽائرڊ جنرل ٿي سگهن ٿا، اهي پنهنجا پلئو بچائڻ ۾ پورا آهن. توهان ٽي وي اسڪرين تي انهن رٽارئڊز کي ڏسي سگهو ٿا، جن کي پينشن ملڻ جي باوجود اهڙو ڪم ڪرڻو آهي، جنهن سان انهن جي انا کي تسڪين ملي، پر جيڪي انٽيگريٽي وارا آهن، جن جي واقعي عزت ڪئي وڃي ٿي، اهي گند ۾ ڪپڙا خراب ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
هن ملڪ ۾ قابل ۽ سٺي ساک رکندڙ اهم شخصيتن جي يقينن ڪابه کوٽ ناهي، پر هي سڀ ڏسي رهيا آهن ته جيڪا سياسي ورڇ آهي، ۽ خاص ڪري مختلف ادارن جي جهڙي تذليل ٿي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ اهي سڀ پاڻ بچائڻ چاهين ٿا. ان جو سڀ کان وڏو مثال چيف اليڪشن ڪمشنر جو آهي، جنهن لاءِ گيٽ نمبر چار جي چوڪيدار شيخ رشيد به شاهدي ڏني ته ان ملنگ کي نه ڇيِڙيو، هي ڪو نيب جي چيئرمين جاويد اقبال جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ ته چيف صاحب ريلوي جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هن کي ڏسي ڪري هينئر به ڪيترن ئي سياسي ڪارڪنن توڙي عام شهرين جو ايمان تازو ٿي وڃي ٿو. هينئر نيب جي ايندڙ چيئرمين جي حوالي سان هوائي ڳالهيون فواد چوڌري جهڙا ماڻهو ڪن ٿا، جيڪو پنهنجي دور جو سٺو وڪيل به ناهي، هو جيڪي ڪم ان دور ۾ ڪندو هو، ان کي منظر تي آندو وڃي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي ڪري سامهون اچي ويندا. هي بدقسمتي آهي ته ايماندار ماڻهن تي گند اڇلايو وڃي ٿو ۽ جنهن شخص اعظم سواتي اهڙو ڌنڌو شروع ڪيو، ان کي مختلف حلقن ۾ “جاسوس” طور ياد ڪيو وڃي ٿو!
جيڪي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن صورتحال هٿن مان نڪري وئي ۽ ڪو اتفاق راءِ ممڪن ناهي، اهي به حقيقتن کان اڻ واقف آهن. هي اهڙو عهدو آهي، جيڪو ڀرجڻو آهي، پر جيتريون تڪراري ڳالهيون ٿينديون، ايترو ئي احتساب جي عمل تي سواليا نشان لڳندا. هينئر نيب جو جهڙو به اميج آهي، ان جي باري ۾ عالمي فورمن ۾ ڪهڙي راءِ رکي وڃي ٿي، ٻڌي ڪري يقين نٿو اچي. هينئر تائين جيترا ماڻهو نيب جي تحويل ۾ مئا آهن، انهن جو ڪيس اڃان پينڊنگ ۾ پيو آهي. ان سان گڏ هي ڏسڻ گهرجي ته يورپي يونين، جنهن جي ٽن ميمبرن کانسواءِ سڀني پاڪستان جي خلاف ٺهراءَ منظور ڪيو هو، ان پنهنجن شرطن ۾ اضافو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ جبر جي نظام کي شامل ڪيو. ان نوعيت جا ٻيا ادارا به آهن، جيڪي پاڪستان کي سٺين نظرن سان نٿا ڏسن. جيڪڏهن موجوده حڪمرانن پنهنجي روش برقرار رکي ۽ آئين ۽ قانون کان پاڻ کي مٿڀرا سمجهندا رهيا ته وڌيڪ مشڪلاتون سامهون اينديون. ڏکي صورتحال ته اڃان پر سوئي رهي آهي، مستقبل ۾ جيڪي اهم مقرريون ٿيڻيون آهن، اهي به حڪمرانن کي وڌيڪ وائڙو ڪنديون. انڪري ضروري آهي ته پاڪستان کي هڪ نارمل يا معمول واري رياست طور متعارف ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. جيڪڏهن موجوده سيٽ اپ برقرار رهي ٿو ته ان سان Isolation کانسواءِ ڪجهه سامهون نه ايندو.