سنڌ

خانواهڻ ۾ همراهه گهر اندر پاڻ کي ڦاهو ڏئي انت آندو

خانواهڻ : خانواهڻ ۾ آوتپور پاڙي ۾ گهرو اڻبڻت تان 55 سالن جي شهزادو عرف صاحبزادو سھتو گهر اندر گاڊر ۾ رسو ٻڌي پاڻ کي ڦاهو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. اطلاع تي خانواهڻ پوليس پهچي مڙهه هيٺ لاهي ڪنڊيارو اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو. ان سلسلي ۾ فوتي پورهيت جي زال ٻڌايو ته منهنجو مڙس اڪثر پريشان رهندو هو، جنهنڪري هن خودڪشي ڪئي آهي. فوتي کي پنج نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي. ھوڏانھن گهر ۾ ڪهرام متل هو. ٻئي طرف خانواهڻ ٿاڻي تي اتفاقي موت ٿيڻ جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button