ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جو ناڪام مڪئنزم!

پرديپ گُلاب

هن وقت وفاق ۽ ملڪ کي هلائيندڙ طاقتون سڀني صوبن ۽ قومن کان پنهنجا آئيني، قانوني ۽ جمهوري حق کسي انهن قومن جي سڃاڻپ، تاريخ ۽ ثقافت کي نظرانداز ڪري، ملڪي سطح تي پاڪستان هڪ قوم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رُڌل آهن. توڙي جو اها نئين ڳالهھ ناهي پاڪستان جي تاريخ ۾ ملڪ اندر موجود قومن جي خلاف اهڙيون سازشون شروع ڏينهن کان وٺي ٿين پيون پر اها روش هاڻ انتها درجي تي پهتي آهي. هاڻ سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙو تعليمي نصاب آڻڻ يا وفاقي نصاب مان سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ٽيسٽ وٺي شاگردن کي نااهل ۽ ويچارا ڪري صوبن اندر ٻاهرين شاگردن کي آندو پيو وڃي. پاڪستان اندر خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان سان اها جُٺ شروع ڏينهن کان جاري آهي. سنڌ جي پاڻي، ڪوئلي، گئس، ٻيٽن، سامونڊي پٽي، جبلن ۽ تاريخي ماڳن تي سڌي يا اڻ سڌي ريت ڌاڙو لڳي چُڪو آهي، بچيل سنڌ جا تعليمي ادارا هئا ۽ نوجوانن جو روزگار هو جنهن تي وفاق انتهائي سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي. سال 2019 ۾ سٺ سالن کان هلندڙ هڪ سنڌ جي صوبائي اداري پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪالجز کي صدارتي آرڊيننس ذريعي ختم ڪيو ويو، صوبن جا ميڊيڪل ادارا ختم ڪري سڄي ملڪ جي لاءِ پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جوڙي وئي جنهن جي بورڊ ۾ هڪ خانگي اداري آغا خان يونيورسٽي جي وي سي کي ميمبر کنيو ڪنهن به سرڪاري اداري جو نمائندو ڪونه کنيو، ٻين صوبن مان ٻه ٻه سرڪاري نمائندا کنيا ويا، جڏهن ته سنڌ جي نمائندگي نه هئڻ جي برابر آهي. ڏٺو وڃي ته 18 ترميم کان پو تعليم نج صوبائي حڪومت جو معاملو آھي پر وفاق اھڙيون تعليمي پاليسيون جوڙي صوبائي خودمختياريءَ جي انحرافي ڪندي، صوبن جي غريب شاگردن جي حقن جي لتاڙ ڪندي، هڪ وفاقيت پسند نئون ادارو جوڙي، اداري جي ٺهڻ شرط سڀ کان پهريائين سنڌ جي پرائيويٽ ميڊيڪل جي يونيورسٽين ۾ جتي ٻاھران شاگردن لا، 10 سيڪڙو مخصوص سيٽن جي پاليسي ھئٔي اتي ڊوميسائٔيل جو شرط ختم ڪري شاگردن کي ڇوٽ سنڌ جي پرائئويٽ ميڊيڪل ڪالجز ۾ رستا کوليا ويا. سنڌي شاگردن جي عدالتن ۾ آواز کي ماٺو ڪري، احتجاجن ۽ مظاھرن کي نظرنداز ڪري شاگردن کي پنھنجن حقن کان محروم رکيو ويو.
هڪڙي ڳالهھ خبر هجڻ کپي ته سنڌ اندر سرڪاري توڙي خانگي ادارا پنجاب کي ڇڏي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن ۽ وفاق انهن ادارن اندر ٻين صوبن جي شاگردن لاءِ رستا کولڻ جي لاءِ سنڌي شاگردن سان اڻسڌي ريت ٽيڪنيڪلي منجهائي سنڌ اندر ئي شاگردن کي ويچارا ڪري رهي آهي.
گذريل سال پي ايم سي جي ٽيسٽ ۾ عام پبلڪ اسڪولن ۾ سينٽر رکيا ويا، جتي تمام گهڻي ڪاپي به هلي ۽ ٽيسٽ وقت کان اڳ ليڪ به ٿي. اميدوارن کي ٽيسٽ بعد ڪاربان ڪاپي به نه ملي ۽ هڪ هفتي کان بعد نتيجا ڏنا ويا، جنهن سان شاگردن جي اندر غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿي. پي ايم سي ۾ ڊوميسائيل جو شرط به ختم ڪيو ويو، جيئن ٻاهرين شاگردن کي آساني ٿئي.
هن وقت به ڪا گهٽتائي ناهي، پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن شاگردن سان زيادتيون ڪري رهي آهي. ملڪي سطح تي ٿيندڙ ٽيسٽ جا اختيار پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن هڪ بلڪل نئين اداري ٽيپس TEPS کي ڏئي، ناڪام مڪينزم آڻي شاگردن کي پريشان ڪيو آهي.
پوري ملڪ ۾ 31 آگسٽ کان ٽيسٽ شروع ٿي آهي، جيڪا 30 سيپٽمبر تائين هلندي، هر روز ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ مختلف سينٽرن تي شاگرد ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن، جنهن جي اندر ڪيترن ئي مسئلن کي شاگرد منهن ڏئي رهيا آهن.
ٽيسٽ فيڊرل (اسلام آباد)، ڪي پي ڪي ۽ سنڌ جي نصاب مان گڏيل اچي ٿي. ٽيسٽ جو نصاب اوچتو ڏنو ويو هو، ٿوري وقت ۾ ڪيترائي شاگرد سنڌ کان سواءِ ٻيو نصاب پڙهي ڪونه سگهيا آهن. ڪيترائي سوال ڏنل نصاب کان به ٻاهران نڪتل اچن ٿا، جنهن جي ڪري شاگردن ۾ مايوسي ڇانيل آهي.
هن ٽيسٽ آن لائن اليڪٽرڪ ٽيبليٽ ڏنل هوندو آهي، جنهن ۾ ايم سي ڪيوز بئنڪ مان هر شاگرد کي الڳ رينڊم سوال ايندا آهن، هر شاگرد جي ٽيسٽ مختلف هجي ٿي، نتيجتن گذريل 25 ڏينهن کان ورتل ٽيسٽن ۾ آيل سوال تقريبن رپيٽ به ٿين ٿا ۽ ڪنهن کي آسان سوال اچن ٿا ته ڪنهن جي لاءِ مشڪل، يعني جيڪو مهيني جي آخر ۾ ٽيسٽ ڏيندو يقينن هن جي لاءِ آساني ٿيندي. ڪلھه اها ايم سي ڪيوز بئنڪ به ڪنهن هيڪر هيڪ ڪئي آهي ۽ ايم سي ڪيوز ليڪ ٿيا آهن. ڪيترائي هوشيار ٽاپ ڪندڙ شاگرد ٽيسٽ جا نتيجا غلط لڳڻ جون شڪايتون ڪري رهيا آهن.
انٽرنيٽ جي ڪري يا ٽيڪنيڪل مسئلي جي سبب به ٽيسٽ ۾ گڙٻڙ ٿئي ٿي. اسڪپ ڪيل سوال ڪائونٽ نٿا ٿين يا ڪنهن ٻي سبب شاگردن جا نتيجا غلط اچن ٿا مطلب ته سڄو نظم درهم برهم لڳو پيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ شاگردن کي مايوس ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھه ڪونهي. جيڪي شاگرد ايڪسٽرا ڪامپيٽنٽ آهن انهن جي لاءِ ٻنهي صورتن ۾ مسئلو ناهي. پر جيڪي محنتي شاگرد هن نظام جي ڪري لوڙين پيا انهن جو ازالو ڪير ڪندو.

جيڪڏهن ٽيسٽ پورو مهينو ئي ڪرڻي هئي ۽ هر شفٽ ۾ لڳ ڀڳ 200 شاگردن کي ئي ويهارڻو هو ته آن لائن ۽ اهڙي ڪامپليڪس سسٽم ڇو آندو ويو آهي؟ مهيني ۾ ته فزيڪل به ٿي پئي سگهي.
پي ايم سي خلاف گذريل سال ملڪ ۾ وڏي سطح تي شاگردن احتجاج ڪيا هئا، لاهور ڪورٽ ۾ ڪيس هليو هو، تمام وڏي گوڙ ٿيڻ باوجود شاگردن سان انصاف نه ٿيو. هيئنر به شاگرد احتجاج ڪن پيا، بلوچستان ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن جي مٿان تشدد ٿيو آهي، ستر کان مٿي شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پي ايم سي جهڙو وفاقي ادارو پنجاب کانسواءِ ٻين صوبن جي لاءِ نقصانڪار آهي، سنڌ جو تعليمي معيار به ناهي ۽ نه ئي اهڙا ادارا آهن، جو اهڙي قسم جو آن لائن ۽ ڪامپليڪس سسٽم ذريعي شفاف ٽيسٽ وٺي سگهن، بلڪ ٻين صوبن سان به مسئلو آهي. گذريل سال پي ايم سي تمام گهڻو نقصان رسايو هو. سنڌ حڪومت صوبائي اداري کي ختم ڪري وفاقي ادارو قائم ڪرڻ واري فيصلي تي خاموش هئي اڄ به خاموش آهي.
سنڌ جو هر عام، شاگرد دوست، وطن دوست فرد اهڙي عمل جي مذمت ڪري ٿو. شاگردن کي پنهنجا آئيني ۽ قانوني حق ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button