رانديون

راشد خان، فاڪنر سميت 4 پرڏيهي رانديگر واپس ويندا

پي ايس ايل سيزن 7 ۾ شامل راشد خان ۽ فاڪنر سميت چار پرڏيهي ڪرڪيٽر باقي ميچن تان هٿ کڻي ويا آهن، جيڪي واپس پنهنجي پنهنجي ڏيهه روانا ٿي ويندا. ميڊيا مطابق پشاور زلمي جي شرفين رودرفورڊ ذتي مصروفيت ۽ ٽام ڪوهلر ڪيڊمور انجري سبب پي ايس ايل کي ڇڏي ڏنو آهي. جڏهن تھ افغانستان جو راشد خان اسلام آباد يونائٽڊ خلاف ميچ بعد افغانستان واپس روانو ٿيندو. هوڏانهن پي ايس ايل کي الوداع ڪندڙ جيمز فاڪنر جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ پي ايس ايل ۾ پي سي بي معاهدي ۽ معاوضي جي پاسداري نھ ڪئي آهي، تنهنڪري باقي 2 ميچ نھ پيو کيڏان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button