شوبز

شادي جي معاملن ۾ اسين فيصلا مڙهيون ٿا: ياسرا رضوي

پاڪستاني اداڪارا ياسرا رضوي چيو آهي تھ شادي جي معاملي ۾ اسين پنهنجا فيصلا مڙهيندا آهيون. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ شادي جي ڏس ۾ اوهان سون جا محل ڏسي رشتا ڪيو ۽ شادي بعد اهو محل ٽٽي وڃي تھ ڏوهه ڪنهن کي ڏيندا، يا وري ارب پتي ماڻهو سان پرڻو ڪيو ۽ ڪجهه ئي وقت ۾ ڪو حادثو ٿي پوي تھ ڇا ڪندئو. هن چيو تھ جلدي شادي ڪيو وارو فلسفو بھ سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ تھ منهنجي شادي 34 سالن جي عمر ۾ ٿي، 2 سال ٿي ويا آهن، هڪ ٻار بھ آهي ۽ اسين خوش آهيون، ڇا مون دير ڪري ڇڏي آهي. هن چيو تھ اهو انسان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي تھ ڪئين ٿو زندگي گذارڻ چاهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button