رانديون

نيوسعيدآباد ۾ پاڪ آرمي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، سپر اسٽار ڪلب فائنل کٽي ورتو

نيوسعيدآباد: اي آر ايل ايس ڪلب طرفان مخدوم محمد زمان طالب المولى ڊگري ڪاليج نيوسعيدآباد جي گرائونڊ تي پاڪ آرمي ڪرڪيٽ ڪپ ٽورنامينٽ ٿي گذري. جنھن ۾ 14 ٽيمن حصو ورتو، فائنل سپر اسٽار ڪلب ۽ جنون اسٽار ڪلب وچ ۾ ٿيو. پھرين بيٽنگ ڪندي سپر اسٽار ڪلب 168 رنسون ٺاھيون جڏھن ته جنون اسٽار ڪلب 145 رنسون ٺاھي آئوٽ ٿي ويئي ۽ فائنل سپر اسٽار ڪلب کٽي ورتو. مھمان خاص حاجي عزيز احمد راھو، سيد تراب شاھه، رئيس رحيم گل رند، حاجي حنيف کوسو، عبدالرحمان مکڻ لاکو، محبوب ڪاڪا، امتياز ميمڻ، نظير سولنگي ۽ ٻين ونر ٽيم جي ڪپتان امام بخش ڳنڀير کي ونر ٽرافي ۽ رند ٽيم جي ڪپتان پير سھيل شاھه راشدي کي رنر ٽرافي ۽ نقد انعام ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button