رانديون

98ع ۾ آسٽريلوي ٽيم جو ميچ ڏٺو هاڻي خلاف کيڏندس: فواد عالم

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽيسٽ ڪرڪيٽر فواد عالم جو چوڻ آهي ته 1998ع ۾ جڏهن آسٽريلوي ٽيم آئي ته هن تماشائي بڻجي ميچ ڏٺي ۽ هاڻ هو انهن خلاف کيڏندو، جيڪا وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد عالم چيو ته ڪيمپ تمام سٺي ٿي رهي آهي، ميچ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پريڪٽس به ڪئي آهي، ميچ کي ڏسي حڪمت عملي ٺاهينداسين.

بيٽنگ اسٽائل بابت ڳالهائيندي فواد عالم چيو ته مون کي ڪو به نه ٿو چوي ته بيٽنگ جو انداز تبديل ڪريان، جيڪڏهن مون کي ون ڊي ۾ موقعو ڏنو ويو ته تيار آهيان. هن چيو ته بابراعظم ۽ محمد رضوان ورلڊ ڪلاس رانديگر آهن، محمد يوسف جي اچڻ سان وڏو فائدو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button