رانديون

آسٽريليا خلاف سيريز لاءِ قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽرن جون تياريون تيز

ڪراچي: آسٽريليا خلاف سيريز لاءِ قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽرن جون تياريون تيز ٿي ويون آهن. نيشنل اسٽيڊيم ۾ اڱاري ڏينهن ٽريننگ ڪيمپ ۾ ميچ کيڏي وئي، بالرن ۽ بيٽسمينن کي مختلف ٽارگيٽ ڏنا ويا. هيڊڪوچ ثقلين مشتاق جي نگراني ۾ رانديگرن پنهنجي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون، جنهن کانپوءِ رانديگرن جم ۾ جسماني مشقون به ڪيون. ٽريننگ ڪيمپ ۾ اظهر علي، فواد عالم، امام الحق، نعمان علي، ساجد خان ۽ سعود شڪيل سميت 16 رڪني قومي اسڪواڊ جا رانديگر تربيتي ڪيمپ ۾ حصو وٺي رهيا آهن، جنهن ۾ ياسر شاهه ۽ محمد عباس سميت ٻه رانديگر شامل آهن.

ڪيمپ ۾ ايڊيشنل رانديگر عليان محمود، احمد بشير، علي عثمان، ارشاد الله، حسيب الله، محمد علي، رضا مصطفيٰ ۽ تاج ولي پڻ مدد ڪري رهيا آهن. هوڏانهن سڊني ۾ ٽن ڏينهن جي آئيسوليشن کانپوءِ آسٽريلوي ٽيم 27 فيبروري تي چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي اسلام آباد پهچندي، جتي انهن کي هڪ ڏينهن جي قرنطينه ۾ رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button