رانديون

ٽنڊومحمدخان انٽر ڪاليج ڪرڪيٽ ٽورناميٽ جاري، سيمي فائنل جمعي ڏينهن ٿيندا

ٽنڊومحمدخان: مير غلام علي خان ٽالپر گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊومحمدخان انٽر ڪاليجيٽ ڪرڪيٽ ٽورناميٽ 2022 جاري آهي. هرسال جيان ضلعي ٽنڊو محمد خان جي مختلف پبلڪ، پرائيويٽ ڪاليجن جي وچ ۾ ٿيل ٽورناميٽ ۾ پول B ۽ پول A جي وچ ۾ مقابلا هلندڙ آهن. پول B مان سيمي فائنل لاءِ الحرا هاءِ اسڪول ۽ بحريه فائونڊيشن ڪاليج جون ٽيمون ڪوالفائي ڪري چڪيون آهن. پول A مان مخدوم بلاول ڪاليج ۽ گورنمنٽ بوائز اسڪول جي وِچَ ۾ مقابلي بعد کٽيندڙ ٽيم ڪواليفائي ڪندي. ساڳي ريت ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان ۽ سومرا محلا اسڪول جي وِچَ ۾ مقابلي بعد کٽيندڙ ٽيم سيمي فائينل لاءِ ڪواليفائي ڪندي. سڀاڻي جمعي ڏينهن تي سيمي فائينل جا مقابلا ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button