رانديون

تماشائي آڻڻ جي حڪمت عملي تيار،آسٽريليا خلاف سيريز جي ٽڪيٽن جا اگهه گهٽائڻ جو فيصلو

پاڪستان ۾ 24 سالن بعد اچي ڪرڪيٽ سيريز کيڏندڙ آسٽريليا جي ٽيم سان مقابلن دوران ميدان ۾ تماشائين جو وڏو تعداد آڻڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي جي ذريعن جو چوڻ آهي تھ ٽن ٽيسٽ، ٽن ون ڊي ۽ هڪ ٽي 20 ميچن تي ٻڌل هوم سيريز ۾ تماشائين جو وڏو تعداد آڻڻ جي حڪمت علي جوڙي وئي آهي، جنهن تحت ٽيسٽ ميچ جي هڪ ڏينهن جي مهانگي ٽڪيٽ 500 رپين کان وڌيڪ نھ هوندي. جڏهن تھ جنرل اسٽينڊ جي ٽڪيٽ جو اگهه 100 رپيا مقرر ڪيو ويندو. ذريعن پي سي بي جي حوالي سان دعوا ڪئي آهي تھ 24 سالن بعد پاڪستان ايندڙ آسٽريلوي ٽيم جي دوري ۾ ميدان کي ڀرڻ جي ڪوشش طور ٽڪيٽن جا اگهه گهٽايا ويا آهن. ياد رهي تھ آسٽريلوي ٽيم 27 فيبروري تي پاڪستان پهچي رهي آهي ۽ پهرين ٽيسٽ 4 مارچ تي پنڊي ۾ کيڏي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button