رانديون

ڀارت ٽي 20 ۾ 62 رنسن تان سريلنڪا کي هارائي ڇڏيو

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي 20 ميچ ۾ سريلنڪا کي 62 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پهرين ٽي 20 ۾ ڀارت پهرين بيٽنگ ڪندي 2 وڪيٽن تي 199 رنسون ٺاهي سريلنڪا کي 200 رنسن جو وڏو هدف ڏنو، جنهن جي موٽ ۾ سريلنڪا جي ٽيم 6 وڪيٽون وڃائي 137 رنسون ٺاهي سگهي. جڏهن تھ سندس بيٽرن مان چيرٿ اسلانڪا 53 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، ڪپتان ڊاسن شناڪا 3، ڊشمنٿا چميڪا 24، چميڪا ڪرونارتني 21 رنسون ڪيون. جڏهن تھ ڀارت جا بيٽر ايشان ڪشن 89، ڪپتان ورهت شرما 44 ۽ شرياس آئير 54 رنسن سان نمايان رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button