رانديون

پاڪستان ۽ ڀارت ويمن ورلڊ ڪپ وارم اپ ميچون کٽي ورتيون

ويمن ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ويمن ٽيمن پنهنجون پنهنجون ميچون کٽي ورتيون آهن. نيوزيلينڊ ويمن ٽيم 45 اوورن ۾ 229 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ايمي سئٽرٿويٽ 80 ۽ ميڊي گرين 58 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ پاڪستان ويمن آخري اوور ۾ حدف ماڻيو، عاليا رياض 62 ۽ ندا ڊار 54 رنسون ڪيون.

ڀارتي ويمن ٽيم جون رانديگرياڻيون ميچ دوران مشورا ڪندي

هوڏانهن ڀارتي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 244 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ ڏکڻ آفريقا 7 وڪيٽن تي 242 رنسون ٺاهي سگهي. ڀارتي جي هرمن پريت 103 رنسن جي اننگ کيڏي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم جي بيٽرن سني ليوس 86 ۽ لورا جون 83 رنسون ٺاهيون پر اهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪم نھ آيون. ڀرتي بالر راجيشوري گائيڪواڊ 4 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button