رانديون

ٽيم آف پي ايس ايل 7 جي ڪپتاني رضوان حوالي

پاڪستان سپر ليگ سيزن 7 جي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪپتاني ملتان سلطانز جي محمد رضوان حوالي ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل جي 12 رڪني ٽيم ۾ 4 پليئر ملتان سلطانز مان بھ شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ رائلي روسو، ٽم ڊيوڊ، خوشدل شاهه ۽ 12 رانديگر طور شان مسعود شامل آهي. جڏهن تھ لاهور قلندرز جا 3 پليئر راشد خان، شاهين شاهه آفريدي، زمان خان، پشاور زلمي جو شعيب ملڪ، اسلام آباد يونائيٽڊ جو شاداب خان ۽ ڪوئٽا گليڊيئٽرز جو نسيم شاهه بھ ٽيم ۾ کنيا ويا آهن. جڏهن تھ ملتان سلطانز جي ڪپتان کي پليئر آف دي ايونٽ جو ايوارڊ بھ ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button