رانديون

پي ايس ايل 7 جي ڪاميابي جو سبب تماشائي آهن: رميز راجا

پي ايس ايل سيزن 7 جي پڄاڻي تي جاري ڪيل بيان ۾ پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي تھ پي ايس ايل 7 جي ڪاميابي جو سبب تماشائي آهن،جن وڏي تعداد ۾ اسٽيڊيم اچي ايونٽ کي مزيدار بڻايو آهي. هن جو چوڻ هو تھ مون پنهنجي ڪيريئر ۾ لاهور ۾ ايڏي وڏي رش ۽ ماڻهن ۾ جوش ناهي ڏٺو. هن ٻڌايو تھ پي ايس ايل جي تاريخ ۾ هن ڀيري منافعو 90 سيڪڙو ٿيو آهي، جيڪو هن وقت تائين جو وڏي ۾ وڏو منافعو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button