رانديون

آسٽريليا خلاف سيريز ۾ 100 سيڪڙو تماشائي آڻڻ جي اجازت

پاڪستان جي آسٽريليا خلاف هوم سيريز ۾ 100 سيڪڙو تماشائي آڻڻ جي اجازت ملي وئي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ۾ 24 سالن بعد ٿيندڙ آسٽريليا خلاف هوم سيريز ۾ ميدان کي ڀرڻ بابت اين سي او سي اهم فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. اين سي او سي جي بيان موجب پنڊي ۾ جمعي کان شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ 100 سيڪڙو تماشائي ڏسندا، جنهن جا ڪرونا پروٽوڪولز بھ جاري ڪيا ويا، جن تي سختي سان عمل ڪيو ويندو. اين سي او سي جي بيان ۾ چيو ويو آهي تھ پي سي بي 4 ۽ 5 مارچ تي 100 سيڪڙو تماشائي آڻي سگهي ٿو، جنهن ۾ ٻار بھ ميدان ۾ اچي ميچ ڏسي سگهن ٿا. جڏهن تھ 12 سالن کان مٿي عمر وارا مڪمل ويڪسينيٽڊ اسٽيڊيم ۾ اندر ايندا، باقي 12 سالن کان گهٽ عمر وارا بنا ويڪسين جي ٻار ميدان جي ٻاهران اچي ميچ ڏسي سگهندا. ياد رهي تھ پهرين ٽيسٽ 4 مارچ کان پنڊي ۾ شروع ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button