رانديون

ڏکڻ آفريقا 198 رنسن تان نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ۾ 198 رنسن تان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڏکڻ آفريقا ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ 364 رنسون ٺاهيون ۽ ٻي اننگ ۾ 9 وڪيٽن تي 354 رنسون ٺاهي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي. جڏهن تھ نيوزيلينڊ جي ٽيم 426 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 227 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي. ان کان اڳ پهرين اننگ ۾ نيوزيلينڊ 293 رنسون ٺاهيون هيون. نيوزيلينڊ جي بيٽرن مان ڊيون ڪونوي 92، ٽام بلينڊيل 44، ڪولن ڊي گرانڊهوم 18 ۽ ٽم سائودي 17 رنسون ٺاهيون. ڏکڻ آفريقا جي ڪيگاسو رباڊا، ڪيشو مهاراج ۽ مارڪو جانسين ٽي، ٽي وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button