رانديون

ويمنز پي ايس ايل ايندڙ سال ڪرائڻ جي منظوري ملي وئي

پي سي بي پاران ويمنز پي ايس ايل ايندڙ سال کان ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي جي ويمن ونگ جي سربراهه تانيا ملڪ قذافي اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تصديق ڪئي آهي تھ پي سي بي چيئرمين رميز راجا ليگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. تانيا ملڪ جو چوڻ هو تھ پي ايس ايل ويمن ليگ هلندڙ سال ئي ڪرائڻ جو ارادو هو، پر مصروف شيڊول سبب جڳهه نھ ملي سگهي، تنهنڪري هاڻ ايونٽ ايندڙ سال ٿيندو. هن چيو تھ ويمن ٽيم ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچن ۾ ڪاميابيون ماڻي بهتر پرفارم ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button