رانديون

ماحور شهزاد شادي بعد بھ بيڊمنٽن کيڏندي رهندي

پاڪستان جي بيڊمنٽن پليئر محور شهزاد اعلان ڪيو آهي تھ مان شادي بعد بھ راند کيڏندي رهنديس. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ منهنجي اڃا رڳو مڱڻي ٿي آهي ۽ شادي ۾ وقت لڳندو، پر ان هوندي بھ جيڪڏهن شادي ٿي وڃي ٿي تھ مان پنهنجي راند کي جاري رکنديس ۽ 2024ع ۾ پيرس اولمپڪس ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪنديس. هن چيو تھ مون کي هلندڙ سال دوران ڪامن ويلٿ گيمز ۽ سائوٿ ايشين گيمز ۾ پڻ کيڏڻو آهي. هن چيو تھ منهنجو ٽارگيٽ آهي تھ مان سٺي تياري سان سمورن ايونٽس ۾ شريڪ ٿيان ۽ هدف ماڻيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button