رانديون

شين وارن جي وڇوڙي تي ڪرڪيٽ جي دنيا اداس

آسٽريلوي ليجنڊ ليگ اسپنر شين وارن جي وڇوڙي تي ڪرڪيٽ جي دنيا اداس ٿي وئي آهي، ڪالهه ٻئي ڏهاڙي پڻ سڄي دنيا مان ڪرڪيٽرن تعزيتي بيان جاري ڪيا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ شين وارن جي وڇوڙي تي پاڪستان سميت دنيا جو هر ڪرڪيٽر سوڳ ۾ ورتل آهن، جن مان وزيراعظم عمران خان، ڊيوڊ وارنر، ويرات ڪوهلي، وسيم اڪرم، شعيب اختر، عماد وسيم، ياسر شاهه، رڪي پونٽنگ ۽ ٻين ڏک ڌار ڌار بيان جاري ڪري افسوس ظاهر ڪيو ۽ چيو تھ هي وڏو نقصان ٿيون آهي. هوڏانهن شين وارن بابت معلوم ٿيو آهي تھ هن وٽ 50 ملين ڊالر جي ملڪيت هئي، جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر فٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جنهن جو اظهار هنن 28 فيبروري تي ڪيو هو.

ٿائي پوليس شين وارن جي موت ۾ شڪي صورتحال رد ڪري ڇڏي

ٿائيلينڊ جي پوليس ليجنڊ شين وارن جي موت ۾ ٻاهرين مداخلت يا ڪنهن بھ ٻاهرين عنصر جي ملوث هجڻ واري ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا کي جاري ڪيل بيان موجب ٿائي پوليس جو چوڻ آهي تھ معاملي جي جاچ ڪئي وئي آهي، شين وارن جي موت وقت اتي ڪنهن بھ شڪي سرگرمي جي ثابتي ناهي ملي. هوڏانهن شين وارن جو پوسٽ مارٽم پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن جي رپورٽ جاري ناهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button