رانديون

موهالي ٽيسٽ، ڀارت جي اننگ 574 تي ڊڪليئر، سريلنڪا ڏکيائين جو شڪار

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻئي ڏهاڙي 574 رنسن تي پنهنجي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي ۽ ان جا 8 بيٽر آئوٽ ٿيا هئا. ميڊيا مطابق ڀارت جو بيٽر رويندر جديجا 175 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي آئوٽ ٿيو. جڏهن تھ رويچندرن ايشون 61 رنسون ٺاهيون آهن. هوڏانهن سريلنڪا جي ٽيم پهرين اننگ ۾ صرف 108 رنسن تي 4 اهم وڪيٽون وڃائي ڇڏيون آهن، سندن بيٽرن مان ڊيموٿ ڪرونارتني 28، پيٿم نشانڪا 26، انگلو ميٿيو 22 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ سريلنڪا جي ٽيم تي 466 رنسن جي ليڊ اڃا رهيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button