رانديون

پاڪستان 476 رنسن تي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي، اظهر 185 ۽ امام 157 رنسن تي آئوٽ

پاڪستان جي پنڊي ٽيسٽ تي پڪڙ وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي، جنهن 476 رنسن تي پنهنجي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي، جنهن جا رڳو 4 بيٽر ئي آئوٽ ٿي سگهيا هئا. ميڊيا مطابق ڪپتان بابراعظم اننگ ڊڪليئر ڪري آسٽريليا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ان کان اڳ ٻئي ڏهاڙي واري راند ۾ پاڪستاني بيٽرن آسٽريلوي بالرن کي بيوس بڻائي ڀرپور نموني بيٽنگ ڪئي، اظهر علي 3 ڇڪن ۽ 15 چوڪن جي مدد سان 185 اسڪور ڪيو، ڪپتان بابراعظم 36 رنسن تي آئوٽ ٿيو. جڏهن تھ امام الحق 157 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو آهي. هن وقت محمد رضوان 29 ۽ افتخار احمد 13 سان ناٽ آئوٽ رهيا، پر آسٽريلوي بالر پنڊي ۾ بريڪ ٿرو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. هوڏانهن آسٽريليا جواب پهرين اننگ ۾ 5 رنسون ٺاهي ورتيون، سندن اوپنر عثمان خواجا ۽ ڊيوڊ وارنر پچ تي موجود رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button