رانديون

پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ 24 سالن بعد کيڏيل پهرين ٽيسٽ بنا نتيجي ختم

پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ 24 سالن بعد کيڏيل پهرين ٽيسٽ بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق راولپنڊي جي ٽيسٽ جي آخري ڏهاڙي تي ٻي اننگ ۾ پاڪستاني اوپنرن عبداللھ شفيق 136 ۽ امام الحق 111 رنسون ٺاهيون ۽ اهي ناٽ آئوٽ رهيا. جڏهن تھ پاڪستان ٻي اننگ ۾ 252 رنسون ٺاهي ورتيون هيون ۽ آسٽريليا جا بالر پاڪستاني بيٽرن جي هڪ بھ وڪيٽ وٺڻ ۾ ناڪام ٿي ويا. هوڏانهن آسٽريلوي بيٽر پهرين اننگ ۾ 459 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا ۽ سندن باقي بچيل 3 بيٽر رڳو 10 رنسن جو اضافو ڪري سگهيا. پاڪستاني بالر نعمان علي ٻنهي اننگز ۾ 6 وڪيٽون وٺي پاڻ مڃايو آهي. مجموعي طور پاڪستان پهرين اننگ ۾ 476 ۽ ٻي اننگ ۾ 252 رنسون ٺاهيون، اهڙي ريت امام الحق کي 157 ۽ 111 رنسن جي اننگز کيڏڻ تي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button