رانديون

زرعي يونيورسٽي ۾ “ڪامياب جوان ٽيلينٽ هنٽ پروگرام” شروع

ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ميزباني هيٺ ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان سنڌ جي پنجن ڊويزنن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ مختلف راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ لاءِ “ڪامياب جوان ٽيلينٽ هنٽ پروگرام” شروع ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ ريسلنگ جا مقابلا شروع ٿي ويا آهن، جنهن جو افتتاح سنڌ زرعي يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر جان محمد مري ۽ اي ايس پي حيدرآباد هيڊڪوارٽر انيل حيدر ڪيو. يونيورسٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اهڙن مقابلن لاءِ سنڌ کي صوبي جي راڄڌاني ڪراچي سميت حيدرآباد، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد ۽ سکر کي پنجن ريجن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ پهرين مرحلي ۾ 15 کان 25 سالن جي عمر جي نوجوانن جي ريسلنگ جا مقابلا شروع ٿي ويا آهن، تقريب کي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر جان محمد مري، ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزادي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button