رانديون

ڪراچي ٽيسٽ فيصلائتي ٿيڻ جو امڪان، پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ اڄ وري مقابلو

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ اڄ کان ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ امڪان ڏيکاريو پيو وڃي تھ پچ ميچ کي فيصلائتو بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ميڊيا مطابق پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪپتان ڪراچي ٽيسٽ ۾ اسپنرن کي مک هٿيار قرار ڏئي حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. جڏهن تھ پاڪستان جي ٽيم ۾ ٻن تبديلين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ حسن علي کي نسيم شاهه جي جڳهه ۽ فهيم اشرف کي افتخار احمد جي جڳهه تي کيڏائڻ جو امڪان آهي، جنهن تي مشورا ڪيا ويا آهن. جڏهن تھ آسٽريلوي ڪپتان پڻ پليئنگ اليون جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ مچل سوئپسن بھ ڊيبو ڪندو، جنهن ۾ جوش هيزل ووڊ کي آرام ڏنو ويو آهي. آسٽريليا جي ڪپتان پيٽ ڪمنز جو چوڻ هو تھ دنيا جي هر ٽيم هوم ڪنڊيشنز مان فائدو کڻي ٿي، اسان سان ڀارت ۾ ائين ٿيو هو. هن چيو تھ ننڍي کنڊ جي پچ کي سڀ سڃاڻن ٿا. پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو تھ آسٽريلوي ٽيم کان خوفزدا هجڻ وارو تاثر درست ناهي. هن چيو تھ اميد آهي تھ ڪراچي جي پچ اسپنرز کي مدد ڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button