رانديون

نڪروما جي سنچري، ويسٽ انڊيز 373 رنسون ٺاهي ورتيون

ويسٽ انڊيز انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن واري راند ۾ 373 رنسون ٺاهي 62 رنسن جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ خلاف پهرين اننگ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٽئين ڏينهن تي پنهنجون 9 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون آهن ۽ هن وقت ويراسامي پرموئل 26 ۽ جيڊن سيلز ٻڙي تي پچ تي بيٺل آهن. جڏهن تھ نڪروما بونر 123 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي آهي، جيسن هولڊر 45، جوشوئا ڊا سلوا 32 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. اهڙي ريت ڪيمار روچ 15 رنسن تي رن آئوٽ ٿي ويو. انگلينڊ جي بالرن بين اسٽوڪس ۽ ڪريگ اوورٽن 2،2 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button