ڪراچي ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن واري راند ۾ عثمان خواجا ڇائنجي ويو آهي، جنهن جي سنچري سميت آسٽريليا 251 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ ان جا 3 بيٽر آئوٽ ٿي چڪا آهن. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن واري راند ۾ آسٽريليا جي بيٽرن محتاط ۽ شاندار نموني راند کيڏندي ٽيم جي پوزيشن کي مضبوط ڪري ورتو آهي. اوپنرن مان عثمان خواجا 13 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد 127 رنسون ٺاهي نائوٽ رهيو آهي. جڏهن تھ ڊيوڊ وارنر 2 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 36 رنسون ٺاهي وڪيٽ ڪيپر رضوان هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو، اهڙي ريت اسٽيو سمٿ 7 چوڪن جي مدد سان 72 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي ويو آهي، ميچ دوران مارنس ليبوشين ٻڙي تي ئي رن آئوٽ ٿي ويو، جنهن کي ساجد خان توريل تڪيل ٿرو ڪري بال سڌو وڪيٽن ۾ هڻي آئوٽ ڪيو. هوڏانهن ڪالهوڪي راند ختم تائين آسٽريليا جا نيٿن ليان ۽ عثمان خواجا اڃا پچ تي موجود آهن. جڏهن تھ پاڪستان جي بالرن مان حسن علي ۽ فهيم اشرف هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close