رانديون

ڀارت ٻي ٽيسٽ ۾ بھ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ بھ سريلنڪا کي 238 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا جي ٽيم 447 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 208 تي آئوٽ ٿي وئي. جڏهن تھ ڪرونارتني جون 107 رنسون ٽيم جي ڪم نھ آيو، 7 بيٽر سنگل ڊجيٽ ۾ ويا، رڳو ڪوشل مينڊس 54 رنسون ٺاهي سگهيو. ٻي اننگ ۾ ڀارتي بالرن ڀارت جي روي چندرن ايشون 4 ۽ جسپريت ڀمراهه 3 وڪيٽون وٺي ڪاميابي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان کان اڳ ڀارت 252 ۽ 303 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ سريلنڪا پهرين اننگ ۾ 109 ۽ ٻي اننگ ۾ 208 رنسون ٺاهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button