رانديون

پاڪستان پهرين اننگ ۾ 148 رنسن تي ڍير، آسٽريليا جي 489 رنسن جي برتري

ڪراچي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن تي پاڪستاني ٽيم 148 رنسن تي ڍير ٿي ويو آهي، جنهن کي آسٽريليا 489 رنسن جي برتري ڏئي چڪو آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي ٽيسٽ جي پچ ٽئين ڏينهن پاڪستاني بيٽرن کان منهن موڙي ورتو، هڪٻئي پويان آئوٽ ٿيندا ويا، سندس 5 بيٽر سنگل ڊجيٽ ۾ ئي آئوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ آسٽريليا پهرين اننگ ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 556 رنسون ٺاهي اننگ ڊڪليئر ڪئي، سندس بيٽر پيٽ ڪمنز 34 ۽ مچل سوئمپسن 15 رنسون ٺاهيون. پاڪستاني بيٽرن مان اوپنر عبداللھ شفيق 13 ۽ امام الحق 20 ۽ ڪپتان بابراعظم 36 رنسون ٺاهي سگهيا. آسٽريليا جي ٽيم ٻي اننگ ۾ آسٽريليا ٻي اننگ ۾ ڊيوڊ وارنر جي وڪيٽ وڃائي 81 رنسون ٺاهيون، عثمان خواجا 35 ۽ مارنس ليبوشين 37 رنسن سان پچي تي موجود آهن. مهمان بالرن مان مچل اسٽارڪ 3 ۽ مچ سوئيپسن 2 وڪيٽون ورتيون آهن. هن وقت آسٽريليا جي ٽيسٽ تي پڪڙ مضبوط آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button