ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم آسٽريليا خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ شاندار بيٽنگ ڪندي نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. آسٽريليا خلاف ٻي ٽيسٽ جي آخري اننگز دوران پاڪستان واضح شڪست کان پاسو ڪيو اتي قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم پنهنجي شاندار راند سان نوان رڪارڊ به قائم ڪيا. بابراعظم 196 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جيڪو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ دنيا جي ڪنهن به ڪپتان طرفان چوٿين وڏي اننگز آهي. ان کان اڳ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪنهن به ڪپتان طرفان چوٿين اننگز ۾ سڀ کان وڏي اننگز انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل ايٿرٽن کيڏي هئي، جنهن 1995ع ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ناقابل شڪست 185 رنسون ٺاهيون هيون.
ان کان علاوه قومي ٽيم جو ڪپتان پاڪستان طرفان چوٿين اننگز ۾ هڪ اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ بال کيڏڻ وارو بيٽسمين به بڻجي ويو آهي. بابراعظم پنهنجي اننگز ۾ 425 بال کيڏيا ۽ اهڙي طرح ڪنهن به ميچ جي چوٿين اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ بالز کيڏندڙ پهريون پاڪستاني بيٽسمين بڻجي ويو. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابراعظم ٽيسٽ ميچ جي چوٿين اننگز ۾ 10 ڪلاڪ بيٽنگ ڪرڻ وارو پهريون ايشيائي بيٽسمين به بڻجي ويو آهي.