رانديون

ڪريگ ۽ بليڪ ووڊ جو سنچرين سان جواب، ويسٽ انڊيز 288 رنسون ٺاهي ورتيون

ويسٽ انڊيز خلاف ٻين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن جي راند دوران ڪريگ براٿويٽ ۽ جرمين بليڪ ووڊ انگلينڊ کي سنچرين سان جواب ڏئي ٽيم جي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ويسٽ انڊيز 288 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ ان جا 4 بيٽر آئوٽ ٿي ويا آهن. انگلينڊ جي 507 جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪپتان ڪريگ براٿويٽ ۽ بليڪ ووڊ محتاط راند کيڏي آهي. جرمين بليڪ ووڊ 102 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، ڪريگ 109 رنسون ٺاهي اڃا تائين پچ ٿي موجود آهي. اهڙي ريت شرمار بروڪس 39 رنسن ۽ نڪروما بونر 9 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا آهن. جڏهن تھ الزاري جوزف بھ 4 رنسون ٺاهي ڪريگ براٿويٽ سان ساٿ ۾ بيٺل آهي. انگلينڊ جي بالرن مان ميٿيو فشر، جيڪ ليچ، بين اسٽوڪس ۽ ڊين لارينس هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button