آسٽريليا سان تعلق رکندڙ ليجنڊ شين وارن جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون آهن، جنهن دوران سندس ٻارن ميت واري تابوت کي چميون ڏئي ماحول جذباتي بڻائي ڇڏيو.
ميڊيا مطابق اسپنر شين وارن جي آخري رسمن جي ادائيگي جي ڏس ۾ ميت واري تابوت کي ميلبورن جي فٽبال گرائونڊ ۾ آڻي رکيو ويو. جڏهن تھ آخري رسمن ۾ مائيڪل وان، ايلن بارڊر، مارڪ ٽيلر، والدين، ٻار ۽ دوست بھ شريڪ ٿيا.
شين وارن جي ميت واري تابوت کي پٽ ۽ نياڻي جي چمڻ ۽ سندن روئڻ بعد جذباتي منظر ٿي ويا، جنهن دوران شين وارن جي دوستن کين آٿت ڏني.