پاڪستان ۾ پي ٽي آئي حڪومت جي وزيراعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻ بعد سياسي صورتحال ۾ سنگين نوعيت جي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، حڪمران جماعت تشدد ۽ حملن جي سياست ڪرڻ سان گڏ گٿن لفظن جي استعمال تي لهي آئي آهي ۽ ٻئي پاسي اپوزيشن عدم اعتماد جي تحريڪ جي ڪاميابي جي ڏس ۾ حڪومتي جماعت، توڙي انهن جي اتحادين کي ٽوڙڻ ۾ مصروف آهي، جنهن بعد حڪومت جا اتحادي منجهيل ۽ اڻچٽا هجڻ ڪري حڪمران جماعت کان فاصلي تي اچي ويا آهن. اهڙي حالت ۾ بلاول ڀٽو زرداري چئي ڇڏيو آهي تھ عوام کي مبارڪ هجي، عمران خان جي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي، پي ٽي آئي جا ٻھ درجن کان وڌيڪ ايم اين ايز اپوزيشن سان ملي ويا آهن ۽ عملي طور عمران خان ايوان ۾ اڪثريت وڃائي چڪو آهي. پهرين پارليامينٽ لاجز تي پوليس ذريعي ڪاهه ٿي، بعد ۾ سنڌ هائوس تي حڪمران پارٽي جي ٻن ايم اين ايز جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جي وڏي جٿي حملو ڪري مک دروازو ٽوڙي ڇڏيو ۽ انهن هٿن ۾ لوٽا کڻي مطالبو ڪيو آهي تھ وفاداريون تبديل ڪندڙ پهرين استعيفا ڏين بعد ۾ جنهن سان رهڻ گهرن ٿا انهن سان وڃي رهن. اهڙي ريت حڪمران جماعت جي اڳواڻن، وزيرن ۽ انهن جي اهم ماڻهن مخالفن خلاف نھ رڳو اخلاقيات کي تهس نهس ڪري ڇڏيو آهي، پر سمورا اهي گٿا، نامناسب لفظ ۽ خيال پيش ڪري رهيا آهن، جن کي ٿلهن لفظن ۾ بازاري چئجي تھ ان ۾ ڪو وڌا نھ ٿيندو. ووٽ عمران خان جو آهي، ڪنهن جي بابي جو ناهي وارو جملو تھ حڪومتي ترجمان يعني اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيا آهن. سنڌ هائوس تي حملو ٿئي ٿو، گهرو وزير شيخ رشيد جي حڪم تي ايم اين ايز سميت جوابدار ڪارڪن گرفتار ٿين ٿا، تھ ڪجهه ئي منٽن ۾ وفاقي صلاحڪار شهباز گل پهچي انهن کي آزاد ڪرائي وٺي ٿو، يعني ڪاروائي ڪرڻ ۽ ڇڏائڻ وارو عمل جهڙوڪ طئي ٿيل ۽ هڪ رٿابندي سان ڪيو ويو هو. مٿين سموري صورتحال سياسي عدم استحڪام جي نشاندهي ڪري رهي آهي، ان سان گڏ هڪ انتشار جي نشاندهي ان ڳالهه مان پڻ ٿي رهي آهي تھ ڪٿي هي سمورو انتشار ڪنهن منصوبابندي تحت تھ نھ ٿي رهيو آهي، جنهن جو مقصد هڪ ڊگهي مدي واري عبوري سيٽ اپ جوڙڻ ۽ سياسي وهنوار جو رلي ڪلهي تي رکي پاسيرو ڪرڻ طرف نھ هجي. هڪ پاسي سپريم ڪورٽ پڻ بار ڪائونسل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي آبزرويشن ۾ قرار ڏنو آهي تھ عدم اعتماد واري تحريڪ تي آئين مطابق عمل ڪيو وڃي تھ ٻئي پاسي قانون تحت معاملا اڪلائجندي نظر نھ پيا اچن، سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون، اها رائي رد ڪرڻ واريون دعوائون هڪ پاسي آهن تھ ٻئي پاسي وفاداري تبديل ڪندڙن جي نااهلي جو آرڊيننس آڻڻ جا فيصلا ٻڌجي رهيا آهن ۽ ٽئين طرف وري قانون واري وزارت توڙي اٽارني جنرل اهڙي آرڊيننس جي مخالفت ڪندي نظر اچي رهيا آهن، جنهن مان اها ڳالهه طئي آهي تھ عمران خان جي حڪومت خراب ۽ بدحواس ڪپتاني جو نشانو بڻجي وئي آهي، جيڪا شديد دٻا ۾ وڌيڪ تڪرار پيدا ڪندي آهستي آهستي ناڪامي ڏي وڌي رهي آهي، جنهن سان خراب انتظامي طرز حڪمراني جو شڪار پي ٽي آئي سرڪار وڌيڪ پيچيدگين جو شڪار ٿي رهي آهي. هاڻ ڏسجي تھ هن سياسي وايو منڊل کان هٽي هڪ شهري جا حق ڇا آهن.
پاڪستان جو آئين هر شهري کي اهو حق بنا رڪاوٽ جي ڏئي ٿو تھ، هر هڪ شهري پنهنجي زندگي آزادي سان گذاري سگهي، کيس غلامي ۽ تشدد کان آزادي جي آئين ۾ ضمانت ڏنل آهي ۽ آئين کيس پنهنجي رائي جي اظهار، تقرير توڙي تحرير جو حق ڏئي ٿو ۽ انهن ئي بنيادي نقطن هيٺ هڪ شهري جا سمورا حق محفوظ پڻ ڪيل آهي، پر ڇا بنيادي طور آئين ۾ حقن جي ڏنل انهن سمورين ضمانتن تي عمل ٿي رهيو آهي؟ ڇا ماڻهو کي اها پڪ آهي تھ هو پنهنجي جنهن بھ رائي جو اظهار ڪري ٿو، ان تحت کيس آزاد شهري وارو حق ملندي محسوس ٿئي ٿو؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي سوال ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ وري وري ۽ الائي جي ڪيترا ڀيرا هر شهري جي سامهون چڪرائجندي نظر ايندا آهن، لقائن جو هڪ اهڙو تسلسل اسين پنهنجي چوڌاري هڪ چڪر ويو ۾ گردش ڪندي ڏسون ٿا ۽ نتيجي ۾ مٿين اٿيل سوالن جا جواب ناڪار ۾ ملندا آهن. ملڪي سياست ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر عمران خان جي وزيراعظم جي منصب تي ويهڻ بعد سياسي حالتون ڪڏهن بھ عام رواجي نھ رهيون آهن، هالي ووڊ ۾ هڪ گار تڪيو ڪلام طور ورجائيندي ٻڌي ويندي آهي ۽ بالي ووڊ فلمن جي سياسي موضوعن تي فلمن جا ڊائيلاگ، منظر ۽ ڪردار هن وزيراعظم جي ساڍن ٽن سالن جي دور ۾ اسين اکين آڏو ڏسندي ۽ پنهنجي ڪنن سان ٻڌندا رهيا آهيون، جن مان ڪجهه لفظ هن ريت آهن، “آپ ڪو گهبرانا نهين هي، مين نهين ڇوڙون گا، يھ ساري ڊاڪو، چور ۽ ڪرپٽ لوگ هين، يھ اين آر او چاهتي هين، مين نهين دونگا، لوٽا گيا پيسا واپس لائونگا وغيرا وغيرا” پر عام ماڻهن آڏو ڪرڪيٽر وزيراعظم جون سموريون ڳالهيون نھ رڳو غلط ثابت ٿيون آهن، پر وڏي ڳالهه اها آهي تھ ماڻهن کيس چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي تھ، اب هم گهبرا گئي هين. عمران خان شايد پاڪستان جو پهريون وزيراعظم آهي، جنهن کي حقيقي طور ناڪام ثابت ڪرڻ ۾ سندس ئي چيل ڳالهيون، تقريرون، بيان ۽ ڊائيلاگ ڪافي آهن، تنهنڪري هڪ سروي تحت 44 سيڪڙو ماڻهو عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿيندي ڏسي رهيا آهن ۽ عمران جي حق ۾ 24 سيڪڙو رايو مس مليو آهي. عمران خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ جي پوزيشن اپوزيشن جي حق ۾ نظر اچي رهي آهي، هن رٿ جي ڪاميابي جي ڏس ۾ 172 ووٽن کان وڌيڪ ووٽ انهن وٽ آهن، ڇوتھ 26 کان وڌيڪ پي ٽي آئي جا اسيمبلي مميبر هن وقت اپوزيشن وٽ موجود آهن، 162 سندن پنهنجا ووٽ آهن ۽ اهڙي ريت ايم ڪيو ايم، جهانگير ترين گروپ ۽ امڪاني طور مسلم ليگ ق ۽ ٻيا اتحادي پڻ اپوزيشن جو ساٿ ڏيندا، تنهنڪري پي ٽي آئي ۽ ان جو وزيراعظم پريشانين ۾ گهيريل نظر اچي ٿو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي تھ معاملا سياسي انداز ۾ اڳتي وڌن ٿا يا انتشار ڏي وڃن ٿا، ڇوتھ هاڻ راند باقي ڪجهه ڏينهن تي اچي بيٺي آهي، 23 مارچ پاڪستان جو ڏهاڙو آهي، ان ڏينهن تي اسلام آباد ۾ او آئي سي جي ميمبر ملڪن جا نمائيندا موجود هوندا، تنهنڪري امڪان آهي تھ عدم اعتماد واري تحريڪ تي معاملا 25 مارچ يا بعد ۾ اڳتي وڌن، پر اهو طئي لڳي رهيو آهي تھ هي وزيراعظم ايندڙ بجيٽ پيش نھ ڪندو. هن مرحلي تي هڪ سوال ذهن ۾ اهو پڻ اٿي رهيو آهي تھ، ڇا اعتماد جي تحريڪ ناڪام ٿيندي، جي ائين ٿئي ٿو تھ بعد ۾ وزيراعظم جي پوزيشن ڪٿي بيهندي، ڇوتھ وزيراعظم عملي طور ايوان جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، ڀلي عدم اعتماد جي تحريڪ ناڪام ٿئي، پر وزيراعظم وٽ ايوان ۾ اڪثريت ناهي رهي، تھ ان جو سادو سوال اهو آهي تھ، آئين ان معاملي تي خاموش آهي، اهڙي صورتحال ٿي سگهي ٿو تھ هڪ ٻئي بحران کي جنم ڏئي. جڏهن تھ انتشار وڌڻ جي صورت ۾ موجودا سياسي صورتحال جي هن منظرنامي ۾ شهباز شريف جي 5 سالن واري قومي حڪومت واري فارمولي کي نھ وسارڻ گهرجي ۽ بلاول ڀٽو جي چونڊ سڌارن وارين ڳالهين کي ان کان ڌار نھ سمجهڻ گهرجي.