ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نيازي جي فرسٽريشن

Editorial-Article- Yameem Jataoi

اسلام آباد ۾ حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف جي مڇريل يا مڇرايل ڪارڪنن پاران سنڌ هائوس تي حملي سان عمران نيازي پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته هو ٽڪرا کان پو ئي ڪرسي ڇڏيندو. ڪلهه پنڊي ۾ جيڪو خطاب ڪيو اٿس ان ۾ ته واضح طور عوام جي نالي جي آڙ ۾ پنهنجن ڪارڪنن کي جهيڙي لا اڪسايو اٿس. جڏهن ته 27 مارچ تي هر صورت ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان به ورجايو اٿس، جنهن مان پڻ سندس جهيڙي جي نيت ظاهر ٿئي ٿي. نيٺ هو ايئن ڇو ٿو ڪرڻ چاهي؟ ان جو هڪ ئي جواب ٿي سگهي ٿو ته هڪ فرسٽريشن آهي جيڪا کانئس ايئن ڪرائي رهي آهي.
نيازي سوڌو سندس همنوائن پاران اپوزيشن کي ڌمڪين ۽ هر صورت ۾ جلسو ڪرڻ جي اعلان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي عملي طور هارائي چڪا آهن، ۽ هو اقتدار مان ذليل ڪري ڪڍيا ويندا پر وڃڻ کان اڳ ڪو ممڻ مچائي وڃڻ چاهين ٿا. مطلب اپوزيشن کي ايڏو آساني سان کٽڻ نه ڏيندا. ظاهر آهي ته ان کان اپوزيشن به اڻڄاڻ ڪونه هوندي. اپوزيشن پاران لانگ مارچ جو اعلان پاڻ ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو. مطلب ته اپوزيشن وارا به نيازي جي نفسياتي جنگ جي رعب ۾ ڪونه پيا اچن، هنن به اهو طئي ڪري ورتو آهي ته جيڪڏهن ٽڪرا ته پو ٽڪرا ئي سهي، نيازي سرڪار جو خاتمو هر صورت ۾ آندو ويندو. اهم ڳالهه اها آهي ته هيل تاريخ به اپوزيشن جي پاسي بيٺل آهي. ڇاڪاڻ ته اپوزيشن به وڏي وقت کان پو تاريخ جي درست رخ ۾ هلڻ جي چونڊ ڪئي آهي. تنهنڪري، مجموعي طور فائدو وري به اپوزيشن کي ئي ٿيڻو آهي ۽ ان ڳالهه جي فرسٽريشن ئي نيازي جو ننڊ آرام ڦٽائي ويٺي آهي. ڇاڪاڻ ته کيس اندازو نه هو ته هن ڪوڙ هڻي هڻي، سازشون ڪري ڪري، هي جيڪو ٺڳي جو ٺاهه ٺاهيو هو، اهو ايترو جلدي ڌڙام ڪري اچي پٽ پوندو ۽ اهو به ساڳي نواز شريف، آصف زرداري، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان هٿان، جن جي سياست جي خاتمي جي هي هام هڻي آيو هو! اها فرسٽريشن، رڳو اها فرسٽريشن سندس سڪون برباد ڪري ويٺي آهي.
نيازي جي هڪ ٻي فرسٽريشن اها آهي ته هو 8 سالن کان خوب استعمال ٿيو. ۽ جنهن قوت هٿان استعمال ٿيو، اڄ اها ساڻس گڏ بيٺل ڪانهي. اها فرسٽريشن به سندس بيچئني جو هڪ سبب آهي. ڇاڪاڻ ته هو استعمال ته خوب ٿيو پر پنهنجي سياسي ڪارپت جي قيمت تي. سندس جيڪا به ڪارپت هئي، اها هينئر ختم ٿي چڪي آهي. سندس هڪ نئين سڃاڻپ اها ٺهي ته هو ڪوڙن جو سوداگر آهي. ڪوڙ هڻڻ سندس فطرت آهي. رڳو کوکلا واعدو ڪندو آهي. هڪ ڳالهه چئي وري ڪجهه گهڙين کان پو ان تان ڦري ويندو آهي. مطلب ته عوام سندس اصل چهرو ڏسي ورتو آهي. ان فرسٽريشن به نيازي جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ اضافو آندو آهي.
هو جيڪو اتفاق سان کٽيل ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ڪري، هڪ بت بڻجي ويو هو، اهو ساڍن ٽالن اندر ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پيو آهي. هو هاڻي اهو ناهي رهيو، جنهن جو نالو وٺڻ سان ماڻهن تي هڪ سحر طاري ٿي ويندو هو، ڄڻ هڪ ديوتا بڻجي ويو هو، سياست ۾ کيس جيڪا ٿوري گهڻي حمايت ۽ مڃتا ملي، اها به ان ڪري جو ڇاڪاڻ ته هو 92 واري ورلڊ ڪپ جي سوڀ جي ڪري بت بڻجي ويو هو. عوام آڏو اهو راز به کلي ويو ته هي ته اڳڙي جو گڏو هو، جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي آڱرين تي نچندو رهيو. تنهنڪري، پنهنجن اکين اڳيان ايئن سندس بت جو ڊهڻ به سندس فرسٽريشن ۾ واڌ جو هڪ سبب آهي. جنهن منجهس ايڏي زهر کي ڀري ڇڏيو آهي جو کيس ڪجهه به نظر نه پيو اچي سوا پنهنجي اقتدار جي. اهو ئي سڀ آهي جو هو هر صورت ۾ پنهنجي اقتدار کي بچائڻ چاهي ٿو. پر کيس اها به پڪ هي ته اهو نه بچندو. اهو ئي سبب آهي جو هو سڀ ڪجهه دا تي لڳائڻ چاهي ٿو. سنڌ هائوس تي حملو ان جو هڪ اظهار آهي.
سنڌ هائوس تي حملي سان پي ٽي آ جي فاشسٽ ذهينت به کلي سامهون اچي چڪي آهي. ان حملي سان جيتوڻيڪ نيازي اپوزيشن کي سيکت ڏيڻ جو پيغام ڏيڻ چاهيو آهي پر سندس سياسي اڪيلائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان عمل خلاف سخت ردعمل سامهون آيو. آصف علي زرداري بلاول ڀٽو زرداري سنڌ هائوس تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي حملي جي مذمت ڪندي ان کي سنڌ تي ٿيل حملي جي برابر قرار ڏنو آهي. آصف زرداري چيو ته “عمران خان وٽ نمبر پورا هجن ها ته پارليامينٽ لاجز ۽ سنڌ هائوس تي حملا ڪرڻ بدران ايوان ۾ اچي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري ها. عمران خان سنڌ هائوس تي حملو نه ڪيو پر وفاق ۾ سنڌ جي علامتي نشان تي حملو ڪري اصل ۾ سنڌ تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته “عمران خان سنڌ تي لشڪر جي ڪاهه ڪرائي پنهنجو اصل بغض ظاهر ڪري ڇڏيو. اسان قانون هٿ ۾ کڻڻ وارا ناهيون پر ڄاڻون ٿا ته اهڙن عنصرن کي ڪيئن منهن ڏجي.”
مريم نواز سنڌ هائوس تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي حملي جي حوالي سان عمران نيازي کي مخاطب ٿيندي چيو ته “حڪومت ته بچائي نٿو سگهين، پر جيڪڏهن ڪا عزت بچي اٿئي ته اها بچائي نڪري وڃ. اوهان چونڊيل حڪومت ناهيو جو مڙسي ڪري بيهي رهو، ان ڪري هاڻي غنڊه گردي جو ئي آپشن رهجي ويو آهي پر اهو به هميشه ابتو ئي پوندو آهي.”
ٻئي پاسي نيازي جي فرسٽريشن جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسيمبلي ۾ نيازي تي عدم اعتماد ظاهر ڪرڻ کان اڳ ئي نيازي سرڪار جي عوام دشمن معيشت ۽ سياست کان بيزار پي ٽي آ ميمبرن بي اعتمادي جو اظهار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اها صورتحال به کيس ننڊ آرام ڪرڻ نٿي ڏئي. اين اي 186 مظفر ڳڙهه مان تحريڪ انصاف ايم اين اي عامر طلال گوپانگ پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو ته “افسوس عمران خان ۽ ان جي ٽيم ساڍن ٽن سالن ۾ ڪجهه نه ڪيو. ساڍن ٽن سالن ۾ پنهنجي تڪ جو ڪو هڪ ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگهيس، عوام کي مهانگائي ۾ ڏسندو آهيان ته ٻڌايو مون کي ڪهڙو فيصلو ڪرڻ گهرجي بي اعتمادي جي سلسلي ۾ ڪنهن کان هڪ روپيو به نه ورتو پر حڪومت جا ارسطو وزير ٽي وي تي اچي بي بنياد الزام لڳائي رهيا آهن، الله سڀني کان پڇندو. بي اعتمادي جي ڏينهن پارليامينٽ ضرور ويندس، عوامي راءِ ۽ پنهنجي ضمير موجب فيصلو ڪندس.” ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي ميمبر ۽ ايم اين اي نجيب هارون به نيازي کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي نجيب هارون چيو ته “پارٽي ۾ ناراضگي ٿيندي آهي، مون به هڪ ڀيرو استعيفيٰ ڏني هئي، پارٽي جي پاليسي سان گڏ بيٺل آهيان. جيڪڏهن سڀئي هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندا ته ملڪ ان کي برداشت نه ڪري سگهندو، عمران خان پارٽي جو سربراهه آهي، پارٽي جي اندر ڪنهن ٻئي اڳواڻ کي سامهون آندو وڃي، جنهن تي پارٽي ۽ اتحادين جو اتفاق هجي ۽ ماڻهن کي جيڪي شڪايتون آهن انهن تي ڌيان ڏنو وڃي.”
نيازي جي فرسٽريشن جو هڪ اظهار سندس ايم اين اي نور عالم جي انڪشاف مان به ٿئي ٿو. تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن ۾ شامل قومي اسيمبلي ميمبر نور عالم خان چيو آهي ته “اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن.” نور عالم خان ڌمڪين وارن ميسيجن جا اسڪرين شاٽ ٽوئيٽر تي شيئر ڪيا ۽ چيو ته “ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته جيڪو بينظير ڀٽو ۽ بشير بلور سان ٿيو، اهو ئي توهان سان ٿيندو. مون کي ڌمڪي ڏني پئي وڃي ته توسان ۽ تنهنجي ٽن پٽن سان ائين ئي ڪيو ويندو، مون کي ڪجهه به ٿيو ته موجوده قيادت ذميوار هوندي.” ان قسم جا حربا جيڪڏهن فرسٽريشن جو اظهار ناهن ته ٻيو ڇا آهن؟
هڪ ٻي اهم پيشرفت سان به نيازي جي فرسٽريشن ۾ واڌ ضرور ٿي هوندي. اها هي آهي ته ملڪ ۾ 44 سيڪڙو پاڪستانين نيازي کي بي اعتمادي رٿ کان اڳ استيعفا ڏيڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. اپسوس پاڪستان هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي راءِ تي ٻڌل نئون سروي جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ 42 سيڪڙو پاڪستانين ان يقين جو اظهار ڪيو ته نيازي خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيڻ جي صورت ۾ اپوزيشن ڪامياب ٿيندي.”
هي دٻڙ ڌونس، هي ڌمڪيون، ساڳي تقرير جو ورجا، ايڏو ورجا جو هاڻي ته ٻڌندڙن کي قئي اچي ٿي، دراصل نيازي جي گهٻراهٽ، فرسٽريشن ۽ مقابلي کان اڳ شڪست جي ئي ثابتي ڏين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button