اسلام آبادبلوچستانپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ريڪوڊڪ ڪيس:پاڪستان تان 11 ارب ڊالر ڏنڊ ختم،25 سيڪڙو بلوچستان کي ملندو

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙ ڪمپني سان تڪرار ختم ٿيڻ ۽ پاڪستان مٿان 11 ارب ڊالر جو ڏنڊ ختم ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته 10 سالن جي قانوني جهيڙي کان پوءِ آخرڪار ريڪوڊڪ کاڻ جي تعمير لاءِ بيرڪ گولڊ سان ڪامياب معاهدي تي بلوچستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. عمران خان چيو ته تقريبن 11 ارب ڊالر جو ڏنڊ ختم ٿيو آهي، 10 ارب ڊالر بلوچستان ۾ لڳايا ويندا جنهن سان 8 هزار نيون نوڪريون پيدا ٿينديون. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ريڪوڊڪ امڪاني طور تي دنيا ۾ سون ۽ پتل جي سڀني کان وڏي کاڻ هوندي، اهو منصوبو اسان کي قرضن کان آزادي ڏياريندو. ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. جڏهن ته جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 50 سيڪڙو حصو بيرڪ گولڊ وٽ هوندو، باقي 50 سيڪڙو حصو شيئر هولڊر پاڪستان وٽ هوندو، جيڪو وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت وچ ۾ برابر ورهايو ويندو. وفاقي حڪومت وٽ 25 سيڪڙو وفاق جي 3 کاتن ۾ برابر ورهايو ويندو. بلوچستان جو حصو هڪ ڪمپني وٽ هوندو، جنهن جو ڪنٽرول بلوچستان حڪومت وٽ آهي. آپريٽنگ خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي. سيڙپڪاري ۾ هڪ ارب ڊالر فلاحي ڪمن لا الڳ رکيل آهي. ان کان علاوه بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ۽ بيرڪ گولڊ ڪمپني جي صدر مارڪ برسٽو ريڪوڊڪ معاهدي تي صحيحن کان پوءِ ملاقات ڪئي. وڏي وزير چيو ته بلوچستان هاڻ سرمائيڪاري، تعمير ۽ ترقي جو ميدان بڻجندو. ريڪوڊڪ جو فيصلو 10 سال دير سان ٿيڻ جو نقصان سرمائيڪارن ۽ اسان جي نسلن کي پهتو. اهو منصوبو بلوچستان کي دنيا سان جوڙيندو. وڏي وزير چيو ته اڳواڻن جو ڪم فيصلا ڪرڻ هوندو آهي. حڪومت ريڪوڊڪ ۾ بهترين معاهدو ڪري وسيلن جو تحفظ ڪيو. وزيراعظم، آرمي چيف ۽ ناڻي واري وزير جو ٿورائتو آهيان جن اسان جي سخت ڳالهين کي به برداشت ڪيو.بيرڪ گولڊ ڪمپني جي صدر مارڪ برسٽو چيو ته ماضي کي وساري مستقبل طرف هڪ سٺي سفر جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. ڀروسي جي فضا بحال ڪري ڳالهين جي شروعات ڪئي آهي. نئين معاهدي ۾ بلوچستان جي عوام جي مفاد ۽ نوجوانن جي روزگار جو تحفظ ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button