رانديون

پاڪستان ويمن ورلڊ ڪپ ۾ 18 ميچون هارائڻ بعد فتح ماڻي ورتي

پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ 18 ميچون هارائڻ بعد پهرين فتح حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ويمن ورلڊ ڪپ ۾ 2009ع بعد پاڪستان بسما معروف جي ڪپتاني ۾ ويسٽ انڊيز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي تاريخ لکي آهي. هيملٽن ۾ برسات سبب ميچ 20 اوورن تي محدود ڪيو ويو، جنهن ۾ ويسٽ انڊيز 7 وڪيٽون وڃائي 89 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ پاڪستاني بيٽرن 19 اوور ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 90 رنسن جو هدف ماڻي پهرين ميچ کٽي ورتي آهي. بيٽرن ۾ منيبا علي 37، بسما معروف 20 ۽ عميما سهيل 22 رنسون ٺاهيون. ويسٽ انڊيز جي بيٽرن ڊيانڊرا ڊاٽن 27، اسٽيفني ٽيلر 18، ايفي فليچر 12 رنسون ٺاهيون. پاڪستان جي بالر ندا ڊار ڪيريئر جي بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 اوورن ۾ 10 رنسون ڏئي 4 اهم وڪيٽون ورتيون ۽ پليئر آف دي ميچ جو اعزاز ماڻيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button