رانديون

لاهور ٽيسٽ ۾ پهرين ڏينهن آسٽريليا 5 وڪيٽن تي 232 رنسون ٺاهي ورتيون

لاهور ۾ ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن تي آسٽريليا 5 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق آسٽريليا ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن تھ سندس اوپننگ جوڙي ڊيوڊ وارنر جي 7 رنسن تي آئوٽ ٿيڻ سبب ٽٽي وئي. عثمان خواجا 91 رنسن جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کي آفريدي آئوٽ ڪري سنچري ٺاهڻ نھ ڏني. جڏهن تھ اسٽيو سمٿ 59 رنسون ٺاهي سگهيو، ڊيوڊ وارنر 7 رنسون ٺاهيون ۽ مارنس ليبوشين ٻڙي جي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو آهي. پاڪستان جي بالرن مان نسيم شاهه ۽ شاهين شاهه آفريدي 2،2 جون وڪيٽون ورتيون ۽ ساجد خان هڪ شڪار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button