آسٽريليا جي ٽيم لاهور ٽيسٽ جي ٻئي ڏهاڙي تي 391 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جڏهن تھ موٽ ۾ پاڪستان بھ هڪ وڪيٽ تي 90 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق لاهور ٽيسٽ ۾ بالرن کي وارو ملي ويو آهي ۽ اهي ٻئي ڏينهن تي مهمان بيٽرن کي آئوٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. ٻئي ڏينهن واري راند ۾ ڪيمرون گرين 79 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي آهي، ايلڪس ڪيري 67 ۽ ٽريوس هيڊ بھ 26 رنسون ٺاهيون. ڪپتان پيٽ ڪمنز 11 رنسون ٺاهيون آهن. پاڪستان جي اوپنرن مان امام الحق 11 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو. جڏهن تھ عبداللھ شفيق 45 ۽ اظهر 30 رنسن سان پچ تي موجود آهن. بالرن شاهين ۽ نسيم شاهه آسٽريليا جون 4،4 وڪيٽون ورتيون، نعمان ۽ ساجد هڪ، هڪ آئوٽ ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close