لاهور: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز لاهور قلندرز جي سي اي او عاطف رانا قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جي صلاحيتن کي ساراهيندي اڳڪٿي ڪئي آهي ته شاهين 8 کان 10 سال ڪرڪيٽ تي راڄ ڪندو. ڪراچي هاڪي ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاطف رانا کاٻي هٿ جي فاسٽ بالر جي تعريف ڪندي چيو ته شاهين آفريدي مستقبل ۾ ليجنڊ بالر بڻجي ويندو ۽ هو 8 کان 10 سال ڪرڪيٽ تي راڄ ڪندو. عاطف رانا پي ايس ايل سيزن 7 لاءِ شاهين شاهه آفريدي کي قلندر ذڪا جو ڪپتان بڻائڻ جي فيصلي کي به ساراهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close