يوڪرين تي حملو ڪرڻ بعد روس ۽ بيلاروس جا تارو پابندين جو شڪار ٿي ويا آهن، جنهن تحت اهي چيمپيئن شپ مان آئوٽ ڪيا ويا آهن. ميڊيا مطابق عالمي تارو تنظيم فينا ٻنهي ملڪن جي ايٿليٽس تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فيصلي تحت هنگري ۾ اربع کان رٿيل عالمي ايونٽ ۾ ٻنهي ملڪن جي رانديگرن تي پابندي لڳائي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ فينا جي گورننگ باڊي يوڪرين ۾ جنگ سبب ٻنهي ملڪن خلاف سخت قدم کينو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close