رانديون

ڏکڻ آفريقا ويمن ڀارت کي 3 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

ڏکڻ آفريقا ويمن ٽيم ورلڊ ڪپ جا مقابلي ۾ ڀارتي ٽيم کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڀارت ويمن ٽيم پهرين کيڏندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 274 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم آخري بال تي هدف ماڻيو ۽ سندس 7 بيٽر آئوٽ ٿيا هئا. ڀارت جي بيٽرن مان سمرتي منڌنا 71، مٿالي راج 68، شيفالي ورما 53 ۽ هرمنپريت ڪور 48 رنسن سان نمايان رهيون. جڏهن تھ ڏکڻ آفريقا جي بيٽرن مان لورا والوارٽ 80، مگنن ڊيو پريز 52 ۽ لارا گوڊل 49 رنسون ٺاهي نمايان رهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button