رانديون

حب ريلي جي ويٽرنز ڪيٽيگري ۾ ٽن نسلن جي شرڪت

بلوچستان جي ساحلي پٽي ۾ منعقد ٿيندڙ حب ڪار ريلي ۾ چيف آرگنائيزر شجاعت شيرواني پهريون ڀيرو ويٽرنز ڪيٽيگري متعارف ڪرائي تھ ان ۾ انوکا منظر ڏسڻ ۾ مليا، ڇاڪاڻ تھ هن ريلي ۾ هڪ ئي وقت ڏاڏو 73 سالن جو سيد اشرف آغا، سندس پٽ 47 سالن جو غضنفر آغا ۽ پوٽو 19 سالن جو علي حسن آغا ڊرائيور بڻجي شريڪ ٿيا آهن، جن پهرين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن ماڻي آهي. جڏهن تھ والد شاهد واسطي، پٽ نويد ۽ نياڻي شاهدا واسطي پڻ هڪ ريلي جو حصو هئا، اهڙي ريت ٻن ڀائرن صاحبزادا سلطان ۽ بهادر علي پڻ ڊرائيوري جا جوهر ڏيکاري پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button