رانديون

پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ پهريون ون ڊي اڄ کيڏيو ويندو، فتح جو عزم

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهريون ون ڊي ميچ اڄ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ ڪاميابي جو ٻنهي ٽيمن عزم ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق اڄ واري ڊي اينڊ نائيٽ ميچ منجهند جو 3 وڳي شروع ٿيندي، جنهن کان اڳ ٻنهي ٽيمن جي 3 ڪلاڪن تائين ڀرپور پريڪٽس پڻ ڪئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي سبب آسٽريليا کي مضبوط قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن تھ پاڪستاني اسڪواڊ بھ پرجوش نظر آيو اچي رهيو آهي. هوڏانهن آسٽريليا کي بالر مچل مارش انجري سبب سيريز مان نڪرڻ جو ڌڪ، سمٿ اڳ ئي ان فٽ ٿي چڪو آهي. ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي آسٽريليا جي ڪپتان ايرون فنچ چيو آهي تھ پاڪستان وٽ بهترين بالر آهن، جيڪي اسان جي آڏو چيلنج هوندا، ڇاڪاڻ تھ ڇوتھ ميزبانن کي سندن هوم گرائونڊ تي هارائڻ سولو ناهي. هن چيو تھ هنن پچ تي اسڪور سٺو نظر اچي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button