رانديون

آسٽريليا جو بالر ايشٽن ۽ فزيوٿراپسٽ ڪرونا ۾ مبتلا

آسٽريليا جي ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل اسپنر ايشٽن ايگر ۽ فزيوٿراپسٽ برينڊن ولسن جي ڪرونا ٽيسٽ مثبت اچي وئي آهي، جنهن بعد ڪيمپ اندر ڪرونا ۾ مبتلا ماڻهن جو تعداد 3 ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز شروع ٿيندي ئي آسٽريلوي ٽيم ڏکيائين ۾ اچي وئي آهي، ڇاڪاڻ تھ تيز بالر مچل مارش انجري سبب سيريز مان نڪري ويو آهي، جنهن بعد سندن ڪيمپ ۾ ڪرونا داخل ٿي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ بيٽر جوش اينگلس اڳ ئي ڪرونا ۾ ورتل، ٽئي ڄڻن کي ڪورنٽائين ڪيو ويو. هوڏانهن انتظامي عملدارن جو چوڻ آهي تھ ٽيم جي باقي رانديگرن ۽ آفيشلز جي ڪرونا ٽيسٽ ڪليئر آئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button