رانديون

نيوزيلينڊ 7 وڪيٽن تان نيڌرلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ نيڌرلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽن ميچن واري ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيڌرلينڊ جا بيٽر 202 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، مائيڪل رپن 67 ۽ پيٽر سيلار 43 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ موٽ ۾ نيوزيلينڊ 3 وڪيٽن تي هدف پورو ڪيو، سندس بيٽر ول ينگ 103 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. هينري نڪولس 57 رنسن سان نمايان رهيو. نيوزيلينڊ جي بالرن بليئر ٽڪنر 4 ۽ ڪائلي جيميسن 3 وڪيٽون وٺي ٽيم کي فتح ڏيارڻ مک ڪردار ادا ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button