رانديون

پاڪستان 10 سالن ۾ آسٽريليا کان صرف 2 ميچون کٽي سگهيو

لاهور: آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ڪرڪيٽ سان گڏوگڏ ون ڊي فارميٽ ۾ به پاڪستان جو رڪارڊ سٺو نه رهيو، قومي ٽيم لڳ ڀڳ 10 سالن ۾ رڳو 2 ميچون کٽي سگهي آهي. 2011 جي ورلڊڪپ ۾ آسٽريليا جي 34 ميچن جي فتح کانپو گرين شرٽس گذريل ڏهاڪي ۾ ڪينگروز خلاف صرف ٻه ميچون حاصل ڪري ورتيون آهن، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ان دوران 18 ميچون کيڏيون ويون، جن مان 16 ۾ آسٽريليا ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته قومي ٽيم صرف 2 ميچون کٽيون. پاڪستان ٻن ميچن مان هڪ ميچ 31 آگسٽ 2012 تي ابوظهبي ۾ ۽ ٻي 15 جنوري 2017 تي ميلبورن ۾ کٽي هئي.

جيڪڏهن ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هينئر تائين کيڏيل مجموعي ون ڊي ميچن جي ڳالهه ڪجي ته آسٽريليا جو پلڙو واضح طور تي وزني نظر ايندو. مجموعي طور تي ڪينگروز 105 مان 69 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته قومي ٽيم 32 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هڪ ميچ برابر رهي، جڏهن ته 3 ميچن ۾ ڪو به نتيجو نه نڪري سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button